بريڪنگ نيوزسنڌ

ملير ضلعي جا اهم اڳواڻ نواز ليگ ۾ شامل، پ پ تي سنگين الزام

ملير (ڊ ر) ن ليگ پاران ملير جي  اڳوڻن چونڊيل نمائندن تي لينڊ  گريبرن جي مدد ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي پي ٽي آءِ جو اڳوڻي ايم اين اي  ڪئپٽن( ر) جميل احمد ۽ فشر فوڪ فورم  چيئرمين مهراڻ شاھ ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن سماجي اڳواڻ انجنيئر حبيب الله ميمڻ،  يعقوب خاصخيلي به ن ليگ اڳواڻن سان  گڏ پريس ڪانفرنس ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ن ليگ اڳواڻن چيو ته ملير کي کنڊر ۾ تبديل ڪيو ويو آھي،  رهواسي صحت، تعليم، روزگار، پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن اڳواڻن الزام هنيو ته ملير جي زمينن تي سسٽم معرفت  قبضا ڪيا ويا، لينڊ گريبرن جي مدد  ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪندا هئا نهال هاشمي ۽ قادر بخش ڪلمتي چيو ته ملير واسين هميشه پ پ کي ووٽ ڏنو، ملير  واسين کي بک بدحالي کانسواءِ ڪجهه نه  مليو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button