بريڪنگ نيوزسنڌ

پاڪ فوج تي تنقيد جو ڪنهن کي حق ناهي، فوج مٿان اعتماد جي ضرورت آھي: سيد صدرالدين شاهه راشدي

خيرپور (ڊ ر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد صدرالدين راشدي قومي اسميبلي 203 جو فارم بحال ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ملڪ ۾ مضبوط فوج ضروري آھي ۽ اسان پاڪستانين کي فوج مٿان اعتماد ڪرڻ جي ضرورت آھي. عوام جي تحفظ ۽ قربانين کان پوءِ به فوج تي تنقيد ڪرڻ جو ڪنھن کي به حق ناھي، سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته اميدوارن جي ٽڪيٽ جو اعلان ڪاغذ نامزدگي جي جانچ پڙتال کان پوءِ ڪيو ويندو. سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ جي عوام کي 15 سالن کان وٺي تباهه ڪيو ويو آھي، ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪاغذي ڪارروائيءَ ۾ ڏيکاري ترقياتي ڪم نه ڪيا ويا، پ پ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بدران پنهنجا گھر ڀري ورتا آھن، ان موقعي تي صحافي ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود ھئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button