بريڪنگ نيوزسنڌ

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سان شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ (ن) ليگ وفد جي ملاقات، سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڪميٽي بڻائڻ تي اتفاق

ڪراچي (بيورو) حُر جماعت جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي سربراھ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سان ملاقات لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم ميان شھباز شريف وفد سان گڏ راجا هائوس تي اھم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ سيد صدرالدين شاھ راشدي، غلام مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سردار عبدالرحيم، عرفان الله مروت، اياز لطيف پليجو، راحيلا گل مگسي ۽ ٻيا موجود ھئا. جڏھن ته مسلم ليگ (ن) جي وفد ۾ اڳوڻو اسپيڪر اياز صادق، خواجه سعد رفيق، راڻا مشھود، بشير ميمڻ، کيئل داس کوھستاني، نھال ھاشمي ۽ ٻيا موجود ھئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.. ملاقات بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي جي ڊي اي سنڌ جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته ميان شھباز شريف ۽ سندس ٽيم سان سٺي ڳالھه ٻولھه ٿي آھي، سنڌ ۾ 15 سالن کان سسٽم ڪم ڪري پيو جيڪو  اڃان برقرار آھي.  8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سسٽم کي تباھ ڪري ڇڏينداسين. سنڌ ۾  15 سالن کان چور بازاري کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀ گڏ ٿيا آھيون ۽ انشاءَ الله 8 فيبروري تي سسٽم جو خاتمو ايندو. ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي آھي جيڪا فيصلو ڪندي ته ڪھڙي تڪ تي ڪھڙو اميدوار ھوندو. ھن چيو ته چئن جماعتن وچ ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ ٿيندي، جنھن لاءِ ڪميٽي ٺاھي ويندي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي جو 35 سيڪڙو ووٽ آھي باقي 68 سيڪڙو پيپلز پارٽي مخالف ووٽ ڪاسٽ ٿئي ٿو. جنھن کي اسان  فوڪس ڪيو آھي. چار جماعتي الائينس آھي جنھن ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ تي ڳالھه ٻولهھ ٿي آھي، ملاقات لاءِ ايندڙ وفد اسان جون شڪايتون وڏي ميان صاحب تائين پھچائيندو. سيد صدرالدين شاھ راشدي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير ھنن سڀني جي سِر جو تاج لڳو پيو آھي، اسان پنھنجيون شڪايتون واضع ڪيون آھن، ريٽائرڊ چيف جسٽس آھي ھن مان اميد ھئي پر اڄ به سنڌ جي ھر کاتي ۾ چور بازاري جاري آھي. سنڌ جو نگران وڏو وزير ۽ آءِ جي پيپلز پارٽي جي ڌر بڻيل آھن، اسان جو ترازو ھوا ۾ ۽  ٻين جي ترازو تي وزن آھي، ان موقعي تي مسلم ليگ (ن)  جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو ته ميان نواز شريف جي ھدايت تي سنڌ جي دوري تي آيا آھيون ،اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سان تفصيلي ڳالھه ٻولھه ڪئي آهي. ڦر مار جنھن کي سسٽم چون ٿا ان تي به ڳالھه ٻولھه ٿي آھي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ سان سيٽ ايڊجيسٽمينٽ  تي ڳالھيون مڪمل ٿي ويون آھن. اٺ رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي جنھن ۾ چئن ئي پارٽين جا ٻه ٻه ميمبر ھوندا. پيپلز پارٽي جو چئرمين بلاول ڀٽو لاھور مان چونڊ وڙھي رھيو آھي اھو ان جو حق آھي، ھي ھڪ سياسي عمل آھي، اسان کي به پورو حق آھي ته  اسان به سنڌ ۾ چونڊ وڙھون.  ھن چيو ته سنڌ کنڊر بڻيل آهي، سنڌ واسين کي محروميون ئي مليون آھن، ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر آھي جيڪو پاڪستان کي وڏو روينيو فراھم ڪري ٿو. ان کي حق نه مليو. هتي عورتن سان زيادتيون ٿين ٿيون، سنڌ تحفظ گھري ٿي. اسان جي حڪومت ۾ سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو ٿيو، جي ڊي اي کي چونڊن بابت خدشا آھن ۽ اسان سان سندن  ڪافي شڪايتون جائز آھن، ھن چيو ته  اسان چاھيون ٿا ته ووٽ نه ورھائجن ھڪٻئي کي فائدو ڏين، سنڌ کي 15 سالن کان لٽيو ويو آهي. ڪراچي کي به جائز حق ناھي مليو، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شھري علائقن جا مسئلا حل ٿين. سنڌ امن ، ترقياتي ڪم۽ بنيادي حق چاھي ٿو. اسان گڏجي سنڌ جي بھتر خدمت ڪنداسين. سيٽ ايڊجيسٽمينٽ تي ڳالھيون ھلندڙ آھن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button