بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ ميمڻ اتحاد جو مرڪزي ڪنوينشن، شرجيل ميمڻ سربراهه ٿي ويو

ٽنڊوڄام (ن م) سنڌ ميمڻ اتحاد مرڪزي ڪنوينشن کي ميمڻ برادري جي سربراه شرجيل انعام ميمڻ خطاب ڪندي چيو آهي ته جنهن وقت مون وٽ ميمڻ ڪميونٽي جا ماڻهو آيا ۽  انهن چيو ته اوهان ميمڻ تنظيم جا سربراه ٿيو، پر مون انهن کي معذرت ڪئي، پر هنن بار بار  ان ڳالهه تي زور ڏنو هن چيو ته  مان چوان ٿو ته ڪير به نڌڻڪو نه ٿئي، ھن چيو ته ملڪ ۾ ميمڻ جون مختلف ڪميونٽي کوڙ آهن اسان ورهايل جام آهيون. هن چيو ته  دوست پاڻ ۾ متفق ٿيا، ان ڪري اڄ هتي ڪراچي جا ميمڻ پاڙي جا ماڻهو به موجود آهن. هن چيو ته ٿوري محنت ڪجي فلاحي ڪمن جي لاء ڪم ٿي سگهجي ٿو هن چيو ته ٿوري ڪوشش ۾ ٽي وڏيون ميمڻ ڪميونٽيز هڪڙي پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪرڻ لاء متحد آهن هن ڇيو ته حڪومتون مسئلا حل ڪري به ٿي پر سڀ مسئلا حڪومتن جي مٿان نه مڙهيا وڃن هن چيو ته اسان تي فرض آهي ته ميمڻ ڪميونٽي جي ٻارن کي ڪيئن هنرمند بڻائجي ۽ اسان ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا  هن چيو ته اسان هاڻي هنري سکيا سڄي سنڌ جي اندر کولڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن اتي رهندڙ نوجوان پنهنجو ڪاروبار پاڻ ڳولي سگهن اسان حڪومت سنڌ ۽ ميمڻ اتحاد سان پبلڪ پارٽنر جي تحت ڪم ڪري سگهون . هن چيو ته مان هتي ستن سالن کان پنهنجي والد جي نالي سان ايمبولينس سروس هلايان پيو مون دوستن کي ٻڌايو ته حڪومت سنڌ جي تعاون سان هتي 14 هزار گهر ٺهي رهيا آهن  ميمڻ اتحاد هڪ غير سياسي جماعت آهي پر حڪومتن سان گڏجي اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون ٿا منهنجو سياسي تعلق پيپلز پارٽي سان آهي ۽ آخري دم تائين ان سان تعلق رهندو  ميمڻ شريف ضرور آهن پر مسڪين ۽ يتيم نه آهن ڪڏهن به زيادتي ڪنهن نه ڪبي نه ڪرڻ ڏينداسين ميمڻن جا ڌڻي سائين آهن هاڻي ميمڻ جي پٺ مضبوط آهي منهنجي ڪوشش هوندي ته وڌ کان وڌ ماڻهن جي خدمت ڪريو اسان کي گهرجي ته هن ملڪ ۽ صوبي سان گڏ پنهنجي ٻچن جي لاء ڪجهه ڪري وڃون ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي ميمڻ برادري جيڪا پڙهيل لکيل برادري آهي ڇهن مهينن جي اندر اوهان کي واضع فرق نظر ايندو ان موقعي تي سپريم ڪائونسل ۾ حاجي نثار، شرجيل کاناڻي، قمر زمان ڏيپلائي ۽ سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ ميمبر سجاد امداد ميمڻ، جگنو، سردار اياز ميمڻ، اسلم ميمڻ، نياز ميمڻ، اوڪاش ميمڻ سميت ٻيا ميمبر هوندا. جڏهن ته ڪنوينشن ۾ سڃي سنڌ مان ميمڻ برادري جي ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button