بريڪنگ نيوزسنڌ

ايف بي آر سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا وصول ڪيا آھن: نگران وڏو وزير

ڪراچي (بيورو ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر چيو آھي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا وصول ڪيا آھن، اسان ان رقم جي وصوليءَ وارو مامرو وزير اعظم آڏو رکيو آھي تھ سنڌ جي اھا رقم صوبائي حڪومت کي جلد ڏني وڃي.  اھا ڳالھه ھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ سنڌ روينيو بورڊ ( ايس بي آر) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. نگران وڏي وزير کي سنڌ ريونيو بورڊ (ايس بي آر) چيئرمين واصف ميمڻ ورڪرز ويلفيئر ۽ پارٽيسپيشن فنڊ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ھن ٻڌايو تھ ايس بي آر ورڪرز ويلفيئر ۽ پارٽيسپيشن فنڊز 5200 صنعتڪارن کي جاري ڪيا. ويلفيئر فنڊز جي مد ۾ سنڌ ريونيو بورڊ ورڪرز ويلفيئر فنڊز جي مد ۾ 527 صنعتي ادان کان 7.562 ارب رپيا وصول ڪيا جيڪي گذريل سال کان 35 سيڪڙو وڌيڪ آھن. ياد رھي تھ گذريل سال ايس بي آر 296 صنعتي ادارن کان 5.4 ارب رپين جون وصوليون ڪيون ھيون. ورڪرز ويلفيئر فنڊز جي مد ۾ ايس بي آر 40 ارب رپين جي وصولين لاءِ 267 شوڪاز نوٽس جاري ڪيا آھن. 40 ارب رپين جي وصولين خلاف صنعتي ادارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ 6.1 ارب رپيا جمع ٿيل آھن. نگران وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل کي مختلف مد ۾ گڏ ڪيل 31 ارب رپين جي وصوليءَ لاءِ ھدايت جاري ڪري ڇڏي. نگران وڏي وزير جي ھدايت تي مختلف ادارن کان 27 ارب رپين جي وصولين لاءِ 303 شارٽ پيمنٽ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آھن. 80 ادارن کان بينڪ ذريعي وصولين لاءِ اسسمنٽ آرڊر پاس ڪيا ويا آھن. ورڪرز ويلفيئر ۽ ورڪرز پارٽيسپيشن جي وصولين لاءِ ايس بي آر ڀرپور ڪوشش ڪري رھي آھي. ھلندڙ مالي سال جي پھرين ڇھن ۾ 6.3 ارب رپين جو ھدف مقرر ڪيو ويو ھو، جڏھن تھ ايس بي آر 7.562 ارب رپيا يعني مقرر ڪيل ھدف کان 1.262 ارب رپيا وڌيڪ حاصل ڪيا، جيڪا ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. چيئرمين ايس بي آر چيو تھ نگران وڏي وزير جي ذاتي دلچسپي کان بنا ايتري وڏي سوڀ حاصل ڪرڻ ممڪن نھ ھئي. نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو تھ ايف بي آر سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا وصول ڪري چڪي آھي، اسان ان رقم جي حاصل ڪرڻ لاءِ مامرو پاڪستان جي وزير اعظم آڏو رکيو آھي تھ سنڌ جي اھا رقم صوبائي حڪومت کي جلد ڏني وڃي. ھن وڏيڪ چيو تھ ان رقم کي مزدورن جي فلاح بھبود لاءِ خرچ ڪيو ويندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button