بريڪنگ نيوزسنڌ

ووٽ ذريعي جنگ وڙهي ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي: سيد محمد راشد شاهه راشدي

پيرجوڳوٺ (خلجي وٽان) اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي صاحبزادي سيد محمد راشد شاھ راشدي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي مختلف ڳوٺن جو طوفاني دورو ڪيو، مختلف ھنڌن تي والھانه استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي، سيد محمد راشد شاھ راشدي ڪارنر گڏجاڻين ۾ ڳالھائيندي چيو ته پراڻي دور ۾ تير ۽ تلوار سان جنگ وڙھي ويندي ھئي ھاڻي ووٽ ذريعي جنگ وڙھي ڪرپٽ ظالم حڪمرانن کان نجات حاصل ڪري سگھجي ٿي، ڪرپٽ نظام مان جان ڇڏائڻ لاءِ عوام اڳتي اچي انقلاب آڻي سگھي ٿي پوءِ توھان کي اھو وقت ياد اچي ويندو جڏھن اسان جي وڏڙن توھان جي خدمت ڪئي، ھن وڌيڪ چيو ته ڀٽو واري پيپلز پارٽي ختم آھي ھاڻي مخصوص ٽولو شھيدن جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ ورتا ويندا آھن ھاڻي اھو دور ناھي رھيو پيپلز پارٽيءَ جا اصل وارث ناھن رھيا پيپلز پارٽي تي ھڪ مخصوص ٽولو قابض آھي جنھن گذريل 15 سالن ۾ سنڌ جي تباھي ڪئي آھي، ھن چيو ته بينظير ڪارڊ جي نالي تي عورتن کي گمراھ بڻايو ٿو وڃي اصل اھو انھن جو ذاتي پئسو ناھي اھو ملڪ جو پئسو آھي زڪوات جو پئسو آھي، ھاڻي انھن جي ڪوڙن ڏٽن دلاسن کان بچو ۽ اڄ ووٽ جي ھٿيار سان مخالفن کي شڪست ڏيو ته جيئن اسان توھان جي سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري سگھون ۽ پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن بڻايون، اليڪشن ۾ اسان جي انتخابي نشان ستاري تي ٺپو ھڻي پي ايس 31 تي آئون سيد محمد راشد شاھ ۽ اين اي 204  تي معظم علي خان عباسي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا ۽ سنڌ ۾ جتي جتي توھان جا يار دوست ھجن انھن کي به اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جو منشور ۽ پيغام پھچايو ته جيئن سموري سنڌ ۾ جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب ٿين. ان موقعي تي پارٽي ورڪر، ڪارڪن ۽ علائقي جا معززين وڏي انگ ۾ موجود ھئا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button