بريڪنگ نيوزقومي

سياست تي ڪابه پابندي ناهي، هر ڪنهن کي سياست ڪرڻ جي آزادي آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (بيورو)  نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگيچيو آهي ته گذريل ڏينهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابه اعتراض واري ڳالهه ناهي ٿي. جنهن جي وارثن جي حمايت ڪندڙن جي نه ڪئي آهي، اُن جو اشارو دهشتگرد تنظيمن جي حمايت ڪندڙن طرف هو ڪا به جديد رياست زندهه رهي نه ٿي سگهي، جيستائين اها طاقت جي استعمال تي پنهنجي رٽ کي برقرار نه ٿي رکي سگهي. سُردي جي ڪري اسان کي مظاهرين جي جذبي جو احساس آهي، هن وقت احتجاج ڪندڙن مان ڪو به حراست ۾ ناهي، احتجاج ڪندڙن کي سيڪيورٽي ۽ ايمبولينس جون سهولتون فراهم ڪيون آهن جماعت اسلامي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو حصو ناهي. مان سمجهان ٿو ته احتجاج ڪندڙ پاڻ اسان وٽ پنهنجا مطالبا پيش ڪن. احتجاج ڪندڙن پاڻ مرادو چيو ته پنھنجا مطالبا منظور ڪرائينداسين. ملڪ ۾ سياست تي ڪا به پابندي ناهي. هر ڪنهن کي سياست ڪرڻ جو حق آهي. بدقسمتي سان ڪجهه سياسي گروهه احتجاج ڪندڙن کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button