بريڪنگ نيوزسنڌ

کپرو ۾ جي ڊي اي جي گڏجاڻي، ڌانڌلين جو وقت ويو، 8 فيبروري ڪاميابي جو ڏينهن هوندو: اڳواڻ

کپرو (ن م) کپرو م سياسي سرگرميون شروع، جي ڊي اي جي طرفان به اليڪشن جي حوالي سان  اڳوڻي ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ جي رهائشگاھ  تي هڪ گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ محمد خان جوڻيجو، حاجي خدا بخش راڄڙ، فيصلا ڪيميٽي جي چئيرمين  حاجي پيربخش جو ڻيجو حاجي خدا بخش درس  محمد اسماعيل درس شوڪت ھنڱورجو ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته ڌانڌلين جو وقت ختم ٿي ويوآهي عوام هاڻ سجاڳ ٿي وئي آهي 8 تاريخ جي ڊي جي فتح جو ڏينهن هوندو. محمد خان جوڻيجو چيو ته پيپلزپارٽي 15سال اقتدار رهڻ دوارن هتان جي نمائندن عوام جي  بيعزتي ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. هن چيو ته مخالفن کي ڀل آهي ته منهنجو فارم رد رهندو. مون کي اميد ھئي ۽  منهنجو فارم بحال ٿي ويو. 8 تاريخ مخالفن  جي شڪست جو ڏينهن ثابت ٿيندو. هن چيو ته منهنجي اچڻ بعد سانگهڙ جي عوام ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو آهي. جيڪيءَ خوشي مان نه پيا ماپن. ان مان  صاف ظاهر آهي ته هتان جي عوام مخالفن جي زيادتين کان تنگ آهي. هن چيوته هاڻ هتان جي عوام جي ڇوٽڪاري جو وقت اچي ويوآهي ۽ 8 فيبروري تي جي ڊي اي جي ڪاميابي جو ڏينهن هوندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button