بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ جي اين اي 209 تي جي ڊي اي اميدوارن پاران مختلف علائقن جا دورا

سانگهڙ (اشفاق وٽان) گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس پاران اين اي 209 سانگهڙ تي اميدوار محمد خان جوڻيجو پاران تڪ جو طوفاني دورو عوام پاران ڀرپور موٽ، محمد خان جوڻيجو پاران حاجي خدا بخش راڄڙ، پير بخش جوڻيجو، خير محمد جوڻيجو ۽ ٻين اتحادي ڌرين سان گڏجي بسي، پيرو ۽ آس پاس جي علائقن جا چونڊ مهم جي سلسلي ۾ دورا عوام پاران ڀرپور موٽ، بسي پيرو ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي صوبائي اڳواڻ حاجي خدا بخش راڄڙ، محمد خان جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس جي اميدوارن کي سانگهڙ ۾ عوام پاران ڀرپور موٽ ملي رهي آهي عوامي موٽ ڏسي مخالف وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن پر سانگهڙ جي عوام سڀ سمجهي ٿي ته سانگهڙ جا پ پ اڳواڻ اڄ کان پندرنهن سال پهرين مهراڻ ڪار ۾ هوندا هئا، اڄ اربين روپين جا مالڪ ٿي ويا، ضلعي جي عوام کي پڻ سوچڻ گهرجي ته انهن جا حقيقي هڏ ڏوکي ڪير آهن اسان هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي اهو سبب آهي جو عوام پندرنهن سالن کان بدترين دور ۾ انتقامي ڪاررواين، لالچ، پوليس گردي باوجود اسان سان گڏ آهي، انهي موقعي تي مقامي ماڻهن پڻ خطاب ڪيو ۽ پنهجي ڀرپور ساٿ جو يقين ڏياريندي تمام قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرز جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button