بريڪنگ نيوزسنڌ

جهنڊو مري ۾ جي ڊي اميدوارن جون گڏجاڻيون، راحيلا مگسي ۽ ٻين جو خطاب

جهنڊومري (ن م) جهنڊومري ۾ اين اي 217 ۽ پي ايس 58جي  جي ڊي اي اميدوار راحيلا گل مگسي جو شاندار استقبال گلن جي ورکا سنڌي ثقافت جي روايت موجب اجرڪن جا تحفا ڏنا مولوي عبدالشڪور ٿيٻو عوام کي خطاب ڪندي چيو جيڪي جهنڊو مري جي عوام جي ووٽن تي 15سال حڪومت ڪئي. برسات ۾ جڏهن جهنڊو مري واسي ٻڏا پئي پنهنجا سر ۽ ٻچا بچائي روڊ تي ويٺا هئا انهي ٽائيم تي چونڊيل نمائندن ڪنهن جي سار لڌي جهنڊومري جي عوام جو ڪهڙو حال آھي چونڊيل نمائيندن پيٽ جي بک جو ڇا پر حال پڇڻ نه آيا اڄ رات ڏينهن ووٽن لاء توهان جي در تي بيٺا آھن هن وڌيڪ چيو ته اسان جي قائد مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي مفتي زاهد حسين برسات ۾ گهر گهر راشن پهچايو .محمد قاسم لنڊ چيو ته برسات ۾ راحيلا گل مگسي تعلقي جهنڊومري عوام جي خدمت ڪئي چونڊيل نمائيندن جهنڊومري جي عوام کي برسات ۾ ھڪ مڇر داني نه ڏئي سگهيا هاڻي ڪهڙو توهان حال پڇندا  .ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي ناظمي جي اڏائي سالن ۾ کوڙ سارا ترقياتي ڪم ڪرايا. ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي چيو ته آئون توهان کي ڇا ٻڌايان منهنجا ترقياتي ڪم توهان جهنڊومري جي عوام جي سامهون آھن 8تاريخ تي سوچي سمجهي ووٽ ڪندا  توهان جو فيصلو توهان جو مستقبل آھي پنهنجي مستقبل لاء سوچي سمجهي فيصلو ڪجو انهي موقعي تي سيد پير امجد شاھ.ڏاڏو محمد صالح. ۽ ٻيون تعلقي جهنڊومري جون اهم شخصيتون اليڪشن ورڪ ۾ راحيلا گل مگسي سان گڏ هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button