بريڪنگ نيوزقومي

علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو

پشاور (اين اين آءِ) سني اتحاد ڪائونسل جو علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه جو 22هون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جيڪو صبح 10 وڳي شروع ٿيڻو هو. اجلاس شروع ٿيڻ کان پوءِ وڏي وزير جي چونڊ جو عمل شروع ٿيو، ميمبرن ڳجهي راءِ شماري ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. علي امين گنڊاپور 90 ووٽ کڻي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي عبادالله 16 ووٽ حاصل ڪيا.وڏو وزير چونڊجڻ کان پوءِ اسيمبلي ايوان ۾ ميمبرن طرفان نعريبازي ڪئي وئي. ميمبرن علي امين گنڊاپور کي وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي.وڏو وزير چونڊجڻ کان پوءِ علي امين گنڊاپور ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته مان رب پاڪ جو شڪر گذار آهيان، دعا آهي ته الله تعاليٰ منهنجي مدد فرمائي، مان پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي وڏي وزير جي اميدوار طور نامزد ڪيو، انشاءَالله عوام جي اميدن تي پورو لهندس.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي ۽ اڳواڻن سان ظلم ٿيو. پي ٽي آءِ باني کي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ تي جيل ۾ وڌو ويو. عمران خان پاڪستان، عوام ۽ ڪشمير جي ڳالهه ڪئي پر اسان انتقامي ڪارروائي نٿا چاهيون. اسان نٿا چاهيون ٿا ته اڄ جيڪو اسان سان ٿيو آهي سڀاڻي اهو ڪنهن ٻئي سان ٿئي. اسان جي ڪارڪنن سان ظلم ٿيو آهي. اسان سان  جيڪو ظلم ٿيو ان جو ازالو ڪيو وڃي.نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي سڄي دنيا ڏٺو ته  چونڊون شفاف نه ٿيون.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button