بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ويجهو پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان جو پتو نه پيو، وارثن پاران احتجاج

گهوٽڪي (ڪ ر  ) گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ جيل  لڳ ٽانوري پلاٽ واري علائقي ۾ گهوٽڪي سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس پورهيت ربڏنو شيخ جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس پٽ امير بخش شيخ کي بلاجواز کنڀي وئي هئي  ان حوالي سان غريب پورهيت جي وارثن  ربڏنو شيخ ۽  احمد دين معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو  ته گهوٽڪي پوليس اسان جي گهر تي ڌاڙيلن جيئان بلاجواز ڪاروائي ڪندي گهر ۾ ڦرلٽ ڪندي , اسان جي همراھ  امير بخش شيخ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي  جنهن جو ڪوب ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي پوليس ڪجهھ به ٻڌائڻ لا۽ تيار نه آهي , هنن چيو ته پوليس پهرين به پورهيت  کي کنڀي گم ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري  هاف فرائي ڪري ڇڏيو هو جيڪو هاڻ معزور  آهي , هو هلڻ ڦرڻ کان به  محروم بڻيل آهي , پوليس اسان جي پٽ کي کنڀي گم ڪري ظلم ڪيو آهي , اسان کي انديشو آهي ته پوليس اسان جي پٽ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڦل فرائي ڪري ماري ڇڏيندي , هنن چيو ته اسان جو پٽ  ڪنهن به قسم جي  ڏوھ ۾ ملوٽ ناهي , نه  ئي ڪو ڪيس داخل اٿس  ن ئي ڪو فريادي آهي جيڪي پوليس جا ڪيس اڳ ۾ هئا تن مان عدالت سڳوري کيس با عزت بري ڪيو هو   پو۽ ب پوليس بلا جواز ايڏو ظلم  ڪيو آ معزور سان   ان موقعي تي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل پورهيت جي وارثن چيف جسٽس آف پاڪستان  , ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج صاحب گهوٽڪي، آ۽ جي سنڌ –  ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين وس وارن ادارن  کي اپيل ڪئي ته گهوٽڪي پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کنڀي گم ڪيل پورهيت کي بازياب ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button