بريڪنگ نيوزقومي

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس، چونڊ سڌارن بابت اوچتو قانون سازي تي ميمبرن سوال اٿاري ڇڏيا، پي ٽي آءِ سينيٽرن جو کنڊرات ۽ باقيات چوڻ تي احتجاج

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڱاري تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هڪ ڪلاڪ 21 31 منٽ دير سان شروع ٿيو اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي پي سينيٽر ميان رضا رباني چيو ته 25 جي لڳ ڀڳ رٿون ۽ بل ايجنڊا تي آهن هن چيو ته قانون يا بل /جي ترميم جو مسودو ميمبرن سان شيئر ناهي ڪيو ويو جيڪڏهن اوهان ان کي به رٻڙ اسٽيمپ بڻائڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مرضي رضا رباني چيو ته رولز آف بزنس جي قائدي 7 مطابق هڪ ڏينهن جو نوٽيس ضرور ٿيڻ گهرجي پي پي سينيٽر چيو ته اڄ ڪجهه قانونسازي جي ڳالهه ٻڌجي رهي آهي ۽ ڪوئي سپليمينٽري ايجنڊا آندو ويندو ايئن لڳي ٿو ته گڏيل اجلاس کي به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ وانگر رٻڙ اسٽيمپ بڻائڻ چاهين ٿا رضا رباني چيو ته جيڪا قانونسازي ٿيڻي آهي اهو بل مسودي جي شڪل ۾ اسان وٽ نه آهي اوهان اهڙي راند جو حصو نه بڻجو جنهن سان گڏيل اجلاس يا پارليامينٽ بلڊوز ٿئي ان دوران سينيٽر مشتاق احمد خان به رضا رباني سان اتفاق ڪندي چيو ته مان رضا رباني جي ڳالهين جي مڪمل تائيد ڪريان ٿو پارليامينٽ کي آڱوٺا ڇاپ يا رٻڙ اسٽيمپ نه بڻايو سينيٽر مستاق احمد خان چيو ته اسان کي ته ايجنڊابه ناهي مليو ان کي ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو ايوان ۾ ملڪ جي امن امان جي صورتحال تي ڳالهايو اجلاس ۾ سينيٽر علي ظفر به رضا رباني جي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ جي اڪثريت سمجهڻ ته پري جي ڳالهه قانون کي پڙهيو به نه آهن هن چيو ته قانونسازي ٿي رهي آهي پر قانون اسان جي سامهون نه آهي پارليامينٽ جي ساک عوام ۾ خراب ٿي رهي آهي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته اسان کي ته پتو نه هو ته گڏيل اجلاس جو ايجنڊا ڇا آهي اهڙي طرح پارليامينٽ نه هلندي هن چيو ته اسان روز پارليامينٽ جو جنازو ڪڍي رهيا آهيون ايئن لڳي ٿو ته اسان هتي چانهه پيئڻ آيا آهيون هن ايجنڊا۾ اهڙيون شيون به آهن جن تي ڪمنٽمنٽ هئي ته اسلامي نطرياتي ڪائونسل اماڻينداسين اهڙي طرح پارليامينٽ نه هلندي پارليامينٽ جي عزت اسپيڪر صاحب اوهان جي هٿ ۾ آهي خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبر پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻ جا لفظ استعمال ڪيا کي ساهو وقت ياد نه آهي جڏهن ڊپٽي اسپيڪر هن ايوان ۾ ٿورن ئي منٽن ۾ 54 قانون پاس ڪيا هي رڪارڊ تي آهي ان لاءِ هٿ صاف نه هجن ته ٻين تي آڱر نه کڻو قانون جو احترام ۽ طريقي کي اختيار ڪرڻ گهرجي هڪ ساهي ۾ ڊپٽي اسپيڪر ان وقت اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي جيڪا پوءِ عدالت بحال ڪئي هي ان شخص جي باقيات آهي جنهن چيو هو ته آرمي چيف قوم جو ابو هوندو آهي اڄ ان کي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي جرئت نه آهي ان جا ڪارڪن جيلن ۾ آهن ۽ هو پاڻ لڪندو پيو وتي. اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪائي قانونسازي تڪڙ ۾ نه پئي ٿئي چونڊ قانون اسان جي دل جي ويجهو آهي پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ تحت وجود ۾ اچي ٿو اليڪشن ڪميشن لکت تجويز ڏني ته چونڊ قانون 2017 ۾ ڪجهه ترميمون ڪرڻيون آهن 2018 جي چونڊن تي سمورين پارٽين کي خدشا هئا سمورا قانون گڏ ڪري هي ايڪٽ بڻايو ويو سڀني ان جي حمايت ڪئي هئي ان قانون ۾ وڌيڪ ترميم لاءِ ان هائوس جي ڪميٽي ٺاهي وئي ان جا لاڳيتو اجلاس ٿيا اياز صادق جي سربراهي ۾ هن ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هئي سيد علي ظفر وڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيو ميمبرن کان لکت تجويزون به گهريون ويون هن ڪميٽي جي پنج اجلاس کانپوءِ هي رپورٽ تيار ڪئي وئي پرزائيڊنگ آفيسر جي حوالي سان هي ترميم ڪئي وئي ته اهي نتيجو تيار ڪري فارم 45 جي تصوير ٺاهي اليڪشن ڪميشن کي اماڻيندا جڏهن ته ايجنٽن کي صحيح ٿيل فارم تي رزلٽ ڏيندا جڏهن ته رات 2 وڳي تائين هر صورت فارم 45 جي تصوير موڪلڻي پوندي صبح 10 وڳي تائين فوجداري ڪارروائي ٿيندي ان کانسواءِ اميدوار جي اڪائونٽ جاريه جي ذريعي ئي چونڊ خرچن جي اجازت به شامل ڪئي وئي آهي ڪامران مرتضيٰ چيو ته وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو اليڪشن ايڪٽ جي حوالي سان ڪميٽي ۾ موجود آهي جڏهن ته ان دوران جيڪو ابهام پيدا ٿيو اهو نگران وزيراعظم جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه تي ٿيو هي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته چونڊ ترميمون اهڙِيون آهن جيڪي اسان منظور ناهيون ڪيون جيڪڏهن 230 جي ترميم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته منظور نه آهي جيڪڏهن نگران حڪومت انهن ترميمن مان فائدو وٺي ٽن مهينن کان ٽن سالن تائين مدو ڪرڻو آهي ته اسان کي قبول نه آهي جيڪڏهن اهڙِي ڪائي ترميم ٿئي ٿي ته اسان ان ۾ گڏ ناهيون، اجلاس دوران سينيٽر تاج حيدر به حڪومتي ترميم جي خلاف ڳالهايون هن چيو ته مان سڌارا ڪميٽي جي هر اجلاس ۾ شريڪ رهيس سيڪشن 230 جي سب سيڪشن 2-اي ۾ ڪائي ترميم ڪميٽي ۾ پيش نه ٿيو هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪو آئي ايم ايف اسان جي ڳلي ۾ وڌو ان کي وڌيڪ سخت نه ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ اسپيڪر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ اربع منجهند ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button