بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران شهيد سورهيه بادشاهه شيڊ جو افتتاح

ڪراچي (بيورو) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي پاران شهيد سورهيه بادشاهه شيڊ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اختيار علي چنا ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جوائنٽ سيڪريٽري جهانزيب مري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.  ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري بئريسٽر ارشد شر بلوچ، عامر رضا دايو، ايڊووڪيٽ عبدالرشيد درس ۽ ٻيا موجود هئا.  تقريب دوران اڳواڻن شهيد سورهيه بادشاهه جي انگريز سامراج جي خلاف اعلان جنگ ۽ لڳايل نعري وطن يا ڪفن آزادي يا موت ۽ لازوال قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button