بريڪنگ نيوزسنڌ

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه رحه جو يوم شهادت اڄ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد (رپورٽ: اسد ڏاهري) برصغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ انقلابي تحريڪ حُر تحريڪ جي عظيم سرواڻ امامِ انقلاب شھيد اعظم حضرت پير سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جو اڄ 81هون يوم شھادت نھايت عقيدت ۽ احترام سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملھايو پيو وڃي. امام انقلاب حضرت پير سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه کي 20 هين مارچ 1943ع تي انگريز سامراج اسلام ۽ وطن خاطر گوريلا جنگ وڙهڻ جي ڏوهه ۾ انگريز حڪومت طرفان سورهيه بادشاهه کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ شھادت جو جام نوش ڪرايو ويو، ليڪن سنڌ جي پاڳارا خاندان جي هن سٻاجھڙي سپوت سيد سورهيه بادشاهه جي چپن مبارڪن تي هڪ ئي نعرو هو وطن يا ڪفن جو انقلابي نعرو هو شهيد سورهيه بادشاهه پنھنجي جان جي قرباني ڏئي هن ڌرتي کي پليت جي پيرن کان هميشه لاءِ پاڪ ڪيو. اڄ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ حُر جماعت، مسلم ليگ (ف) جي ڊي اي ۽ جمعيت العلماءِ سڪندريه جي عالمن طرفان  سيمينار ۽ قرآن خوانيون پڻ ڪرايون وينديون، اسان جي نمائندن موجب حيدرآباد، سانگھڙ،پير جو ڳوٺ، سنجھورو، عمرڪوٽ، گڙنگ بنگلو، شاهپور چاڪر، شھدادپور، ڄام صاحب، پڪا چانگ، نارو، جھول، دوڙ، سڪرنڊ، نوشھروفيروز ۽ ٻين شھرن ۾ مختلف تقريبون ٿينديون جنھن ۾ ناليوارا تاريخدان، اسڪالر، اديب، صحافي، حُر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ، جي ڊي اي جا اڳواڻ ۽ سڪندري عالم خطاب ڪندا ۽ شھيد سورهيه بادشاهه جي انقلابي زندگيءِ تي روشني وجھي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا. ان کانسواءِ قل خواني ڪري شھيد سورهيه بادشاهه جي روح کي ايثال ثواب بخشڻ لاءِ دعا پڻ گھري ويندي. پير سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي شھادت اسان لاءِ مشعل راهه آهي. آزادي جو هيرو سورهيه بادشاهه حق جو امام آهي جنھن حسينيت کي برقرار رکڻ لاءِ انگريز سرڪار سان مھاڏو اٽڪائي شھادت ماڻي ۽ ڪڏهن به هار نه مڃيائين. سيد سورهيه بادشاهه جي جدوجھد سبب اڄ اسان آزاد آهيون، حُر جماعت، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ سنڌ جو محب وطن عوام وڏا خوشنصيب آهن ڇو ته اهي حسينيت جي سربراهي ڪندڙ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي نگراني ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button