بريڪنگ نيوزقومي

آرمي چيف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون

رياض (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو جتي هن سعودي قيادت سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن، سلامتي  ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، سعودي دفاع واري وزير جنرل فياض بن حميد الرويلي، چيف آف جنرل اسٽاف سعودي هٿياربند فوج ۽ انجنيئر طلال عبدالله العتيبي جو مددگار دفاع وارو وزير ۽ ٻئي اعليٰ عسڪري قيادت موجود هئي. ملاقات دوران سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا تاريخي ڀائراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هميشه هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن. شهزادي محمد بن سلمان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب مستقبل ۾ به هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. آرمي چيف پاڪستان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن ۽ حمايت تي سعودي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button