بريڪنگ نيوزسنڌ

سنجهورو ۾ ٺڪر برادري جي ڳوٺاڻن جو با اثرن جي ڏاڍاين خلاف احتجاج

سنجھورو  ( ن م) پريس ڪلب سنجھورو ۾ چڪ 32 جي ٺڪر برادري جي ڳوٺاڻن جو با اثر سوائي ٺڪر  ۽ ھريش ٺڪر جي مبينا ڏاڍائين خلاف احتجاج با اثر جئيڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي انصاف ڪيو وڃي ڳوٺاڻن جو مطالبو ان سلسلي ۾ پيرائتي رپورٽ موجب پريس ڪلب سنجھورو اڳيان چڪ 32 جي ٺڪر برادري جي ڳوٺاڻن جو ڳوٺ جي با اثر  سوائي ٺڪر  ۽ ھريش ٺڪر جي مبينا ڏاڍائين خلاف سرواڻ ڪمار ٺڪر ڪرپال ٺڪر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو جتي مظاھرين کيمون ٺڪر ڀڳوانو ٺڪر مدن ٺڪر سروپ ٺڪر منگل ـ راڻو ـ نرسنگھ ٺڪر شنڪر گومند ھريش ٺڪر ۽ ٻين دانھيو تھ مٿي ڄاياڻيل با اثر ڳوڻاڻن جو جئيڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي پاڙي جي گھٽي کي زبردستي ڏاڍ ڪري قبضو ڪرڻ بعد بند ڪري ڇڏي آھي تر جي معززين وٽ ٿيل فيصلي باوجود باز نٿو اچي سانگھڙ جي عدالت ۾ سندن نوڪري سبب عدالت جي پاور جو ناجايز فائيدو کڻندي ڳوٺاڻ مٿان پنج ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪيو ويو آھي جيڪو دانھن ڪوڪ ڪري ٿو ھن کي ٻي ڏيھن عدالتي ليٽر مليو وڃي اسان لاچار ماڻھون ھن سان مقابلو نٿا ڪري سگھون ھنن اعلا احڪامن کان پر زور مطالبو ڪيو آھي تھ گھٽي مان فوري قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ گھٽي تي قبضي بعد اتي ھلندڙ اڏاوت بند ڪرائي وڃي ۽ ڪوڙي ۽ جڙتو ڪيسن کان بچايو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button