بريڪنگ نيوزقومي

سينيٽ چونڊون، سنڌ مان 10 سيٽن تي پ پ، پنجاب مان 5 سيٽون ن ليگ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب، آزاد اميدوار فيصل واوڊا به سينيٽر بڻجي ويو

اسلام آباد/ڪراچي/ لاهور  (بيورو/ م ڊ) پ پ سنڌ مان سيٽون جون 10 سيٽون کٽي ورتيون. سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي 12 سيٽن تي 19 اميدوارن ۾ مقابلو هو، سينيٽ اليڪشن لاءِ پولنگ 4 وڳي تائين جاري رهي ۽ 154 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله نتيجن جو اعلان ڪيو، نتيجن موجب پ پ سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون کٽي ورتيون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ آزاد اميدوار هڪ – هڪ سيٽ حاصل ڪئي. جنرل سيٽ تي پ پ جو اشرف علي جتوئي، دوست علي جيسر، ڪاظم علي شاهه، مسرور احسن، نديم ڀٽو، ايم ڪيو ايم جو عامر چشتي ۽ آزاد اميدوار فيصل واوڊا سينيٽر چونڊجي ويا. عورتن جي سيٽ تي پ پ جي روبينا قائمخاني، قرت العين مري، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي سرمد علي ۽ ضمير گهمرو ڪامياب ٿيا. اقليت جي سيٽ تي پ پ جو پنجو مل ڀيل سينيٽر چونڊجي ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پ پ آزاد اميدوار فيصل واوڊا جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. هوڏانهن پنجاب اسيمبلي  ۾ سينيٽ جي 5 سيٽن تي مسلم ليگ ن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن تي مسلم ليگ ن جو محمد اورنگزيب ، مصدق ملڪ،  عورتن جي ٻن سيٽن تي انوشا رحمان ۽ بشريٰ انجم، جڏهن ته اقليت جي سيٽ تي خليل طاهر سنڌو ڪاميابي ماڻي. سنيٽ جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي کي پولنگ اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو هو، پنجاب جي چييف اليڪشن ڪمشنر اعجاز احمد چوهاڻ، رٽرننگ آفيسر جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن پولنگ عملي طور فرض نڀايا، پولنگ جو عمل صبح 9 وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي 4 بجي تائين جاري رهيو،  نتيجن مطابق عورتن جي سيٽن تي مسلم ليگ ن جي انوشا  الرحمان 125 ۽ بشريٰ انجم 132 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي صنم جاويد کي 102 ووٽ مليا، عورت کي وڌل 356 ووٽن مان 6 رد ٿيا، ٽيڪنوڪريٽ جي 2 سِٽن تي ن ليگ جو محمد اورنگيز 128 ۽ مصدق ملڪ 121 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ڊاڪٽر ياسيمن راشد کي 106 ووٽ مليا، اقليتي جي سيٽ تي ن ليگ خليل طاهر سنڌو 253 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته مخالف سني اتحاد ڪائونسل  جي آصف عاشق 99 ووٽ کنيا. اقليتي سيٽ تي ڪل 352 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جنهن ۾  4 رد قرار ڏنا ويا، ن ليگ جي ڪارڪنن پنهنجو اميدوارن جي  ڪاميابي جو اعلان ٿيڻ تي شير شير جا نعرا هنيان، پنجاب  ۾ جنرل سيٽن تي پرويز رشيد، طلال چوڌري، محسن نقوي، ناصر بٽ ۽ عهد چيما اڳ ئي بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن، سينيٽ چونڊ جي موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي احاطي ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.  جڏهن ته  اسلام آباد جي سينيٽ لاءِ ٽيڪنو ڪريٽ ۽ جنرل سيٽن تي حڪومتي اتحاد جا اميدوار پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ رانا محمود ڪامياب ٿي ويا آهن. اسلام آباد جي جنرل وٽيڪنو ڪريٽ سيٽ تي 2-2 اميدوار آمهون سامهون هئا. ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي اسحاق ڊار جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار راجا انصر محمود جڏهن ته جنرل سيٽ تي حڪومتي اتحاد جي رانا محمود الحسن جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي فرزند علي شاهه سان هو. سينيٽ چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 310 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو.  حڪومتي اتحاد جي اميدوار اسحاق ڊار سينيٽ جي ٽيڪنو ڪريٽ ۽ جنرل سيٽ تي رانا محمودالحسن سينيٽ جا ميمبر چونڊجي ويا. اسحاق ڊار 222 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ان جي مقابلي ۾ اميدوار راجا انصر محمود کي 81 ووٽ مليا. 5 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا ووٽ رد ٿيا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button