بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو

سانگهڙ/ خيرپور/ ٽنڊو آدم/ پڪا چانگ  (نمائندن)  برصغير جي ورهاڱي بعد هندستان ۾ رهندڙ حُرن کي 15 آگسٽ 1947ع ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ حُرن کي پنجن سالن بعد 1952ع ۾ لوڙهن مان ازادي ملي. ان جو صحيح جواب اسان کي اڃان تائين هن ملڪ جي ڪنهن به حڪومت نه ڏنو، باوجود 1965 ۽ 1971 ۾ جاني مالي قربانيون ڏيڻ جي هن ملڪ جا واڳ ڌڻي اسان کي پنهنجائپ واري نظر سان نه ٿا ڏسن. ان ڪري اسان جو نئون نسل ان سوال جو جواب تاريخ جي روشني ۾ تلاش ڪري رهيو آهي. اهڙو اظهار حُر جماعت جي معززن، حُر تحريڪ جي محققن ۽ سڄاڻ شخصيتن خليفي محمد قاسم مهر، غلام دستگير راڄڙ، فقير مير محمد نظاماڻي، ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي، فقير محمد اسماعيل مهر، وقار جٽ، انجم آفتاب نظاماڻي، رئيس علي حسن سولنگي، پروفيسر مبين وساڻ، شاهنواز نظاماڻي، مراد علي نظاماڻي، عاجز منگي، علي محمد خاصخيلي ۽ مير حسن مري حُر هسٽاريڪل سوسائٽي پاران امام انقلاب شهيد پير سيد صبغت الله شاهه راشدي المعروف شهيد سورهيه بادشاهه جن جي 81هين يوم شهادت جي تقريب کي پريس ڪلب سانگهڙ جي سورهيه بادشاهه هال ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هنن چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه اهڙي انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪايو جن جي حڪمرانيءَ جو سج لهندو ئي ڪونه هو. ليڪن پاڳارا خاندان انگريزن سان هڪ سئو سالن تائين جنگ ڪري کين سڄو برصغير خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ليڪن افسوس آهي ته ان جو ذڪر پاڪستان ۽ سنڌ جي نصاب ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت ملڪ ۽ سنڌ سطع تي سرڪاري طور ملهايو وڃي ٿو. شايد هن ملڪ جي طاقتور ڌرين اڃان تائين تاريخ مان سبق نه سکيو آهي، هنن چيو ته حُر جماعت اسلام جي سربلنديءَ ۽ ملڪ جي سياسي ۽ دفاعي مورچن لاءِ هميشه وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هاڻ اسان به اعلي حضرت پير سائين پاڳارا جي هر حڪم تي لبيڪ چوڻ لاءِ تيار آهيون. تقريب کي ميڊم سلميٰ قريشي، سانوڻ راڄڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ٺهراءُ بحال ڪري 20 مارچ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ڪرڻ، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو نالو شهيد سورهيه بادشاهه رکڻ، ملڪي نصاب ۾ پاڳارا خاندان، سورهيه بادشاهه ۽ حُر تحريڪ بابت خاص باب شامل ڪرڻ، سنڌ اسيمبلي پاران انگريز دور جي حُر ايڪٽ کي رد ڪرڻ سميت مختلف ٺهراءُ بحال ڪيا ويا. هوڏانهن سانگهڙ سجاڳي فورم ۽ سورهيه بادشاهه يادگار ڪاميٽيءَ پاران عاجز منگي، اقرار شر، غلام نبي راڄڙ، مهراڻ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ حُر هلچل جي مرڪز گڙنگ بنگلي تي شهيد سورهيه بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندن تاريخي بنگلي آڏو ڏيئا ٻاري ۽ سانگهڙ ۾ حُر هلچل جي شهيد منصورن فقيرن جي آخري آرام گاهه تي پڻ ڏيئا ٻاري سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ٽنڊو آدم ۾ برصغير جي عظيم انقلابي ليڊر شھيد سورھيه بادشاھ جي ورسيءَ جي مناسبت سان ٽنڊوآدم نيو علي ڳڙھ بوائز ڪاليج ۾ ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايو ويو. ليڪچر پروگرام پرنسپال مبين وساڻ جي زير نگراني منعقد ٿيو. پروگرام ۾ استاد نظاماڻي، پروفيسر ياد حسين شيخ، پروفيسر قربان سيال، پروفيسر احمد بلال غوري، سيد عبيدالله شاھ، گل حسن لاکو خطاب ڪيو. تقريب ۾ گورنمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۽ بوائز ڪاليج جي ليڪچرز شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حضرت پير سيد صبغت الله شاھ المعروف سورھيه بادشاھ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو ھڻي انگريز سامراج کان وطن جي آزادي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي، ان وقت وطن جي غدار جاگيردارن، وڏيرن، نوابن سورھيه بادشاھ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ انگريز سامراج جو ساٿ ڏنو ۽ وڏا فائدا حاصل ڪيا، ھنن چيو ته سورھيه بادشاھ 1921ع ۾ حُر جماعت جا روحاني رھبر پاڳارا مقرر ٿيا، برطانيا سرڪار پاران سورھيه بادشاھ کي جھڪائڻ لاءِ مٿس ڪوڙا ڪيس مڙھي، 1930ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو جنھن بعد سندس ڪيس قائد اعظم محمد علي جناح وڙھيو ۽ سڀ ڪيس ڪوڙا ثابت ڪيائين، ھنن چيو ته ان کان پوءِ وري مٿس ٻيا ڪيس لڳايا ويا جن ۾ 8 سال سزا ٻڌائي وئي ۽ کيس ھندستان جي رتناگيري ۽ ٻين جيلن قيد ڪيو ويو، ھنن چيو ته انگريز سامراج 100 سال تائين اسان جي وطن تي قابض رھيو، ان وقت پاڳارا خاندان ۽ سندس جماعت وطن جي آزادي لاءِ مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي ھئي. ھنن چيو ته  1941ع ۾ برطانيه سرڪار سورھيه بادشاھ کي ٻيھر گرفتار ڪيو جنھن بعد 20 مارچ 1943ع ۾ کيس سينٽرل جيل حيدر آباد ۾ شھيد ڪيو ويو، ان کان پوءِ سنڌ اسيمبلي مان حُر ايڪٽ پاس ڪرائي حُر جماعت کي دھشتگرد قرار ڏنو ويو، سورھيه بادشاھ جي شھادت کان پوءِ به آزادي جي تحريڪ جاري رھي ۽ 14 آگسٽ 1947 ۾ اسان کي آزادي حاصل ٿي. پڪا چانگ ۾  وطن يا ڪفن، آزادي يا موت واري نعري جي خالق ۽ عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد سورهيه بادشاهه جي وڇوڙي کي81 ورهيه وهامي ويا آهن، سورهيه بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ فيض گنج جي ڳوٺ شاهن خان شر ۾ ايڊووڪيٽ خورشيد احمد شر جي رهائش گاھ تي  ورسي ملهائي وئي، تقريب ۾ ڪارڪنن، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آهي، اڳواڻن انجنيئر عبدالڪريم شر رئيس محمد شاهد شر انجنيئر ڪريم بخش شر انجنيئر محمد عاقب شر ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سورهيه بادشاهه ايشيا کنڊ جو عظيم انقلابي اڳواڻ هجڻ سان گڏ سنڌ ڌرتي جو صالح اولاد هو، غلاميءَ خلاف جيتريون قربانيون سورهيه بادشاهه ۽ سندس جانبازن ڏنيون اهڙو اعزاز شايد ئي ڪنهن کي نصيب ٿيو هجي. خيرپور ۾ فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه خيرپور پاران  پير سيد صبغت الله شاهه راشدي المعروف  شهيد سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڦلپوٽا هائوس ڀرڳڙي ۾ تقريب منعقد ڪري تصوير آڏو ڏيئا ٻاري  گل نچاور ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه خيرپور جي صدر حاجي امام بخش ڦلپوٽو خطاب ڪندي چيو ته  برصغير مان انگريز سامراج کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ امام انقلاب شھيد سورھيه  بادشاهه پنهنجي لکين حُرن سان گڏ عظيم قرباني ڏني پر پاڪستان جي آزادي کان وٺي شهيد سورهيه بادشاهه کي جيڪو تاريخي مقام ملڻ گهرجي اھو نه ڏنو ويو آهي. تقريب ۾حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، ميمبر ضلع ڪائونسل صابر حسين مهيسر،  محمد سليم چانڊيو, ايڊوڪيٽ ربنواز ڏهوٽ , فقير بخش علي جوڻيجو , علي گل شر , وحيد منگريو , سدا بهار سهاڳ , فقير نشاد حسين مهيسر , سميت ٻين شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button