بريڪنگ نيوزسنڌ

شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ روضي ڌڻي چيئر پاران سورهيه بادشاهه جي شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب منعقد

خيرپور/ پيرجوڳوٺ  (نمائندن وٽان) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي روضي ڌڻي چيئر پاران سنڌ جي عظيم سپوت سيد صبغت الله شاھ راشدي سورهيه بادشاھ جي شھادت جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن جي صدارت يونيورسٽي جي ڊين فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ لينگويجز ۽ انچارج وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري ڪئي. تقريب ۾ يونيورسٽي جي رجسٽرار نذير احمد منڱڻيجو ڪنٽرولر امتحانات سيد مھدي شاھ راشدي ڊاڪٽر ذوالفقار علي شيخ کان علاوه استادن شاگردن شاگردياڻين درگاھ سان لاڳاپيل عقيدتمندن مريدن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي مشوري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سورھيه بادشاھ سچ تان ھلندي آزادي خاطر انگريز سامراج خلاف مھاڏو اٽڪايو ھن وطن يا ڪفن جو نعرو ھنيو پر مقصد تي قائم رهيا. ھن چيو ته سورھيه بادشاھ غلامي قبول نه ڪئي. ھن حقيقت پسندي قرباني سوچ فڪر کي ترجيح ڏني. سندس ڏنل فلسفي حقيقت پسندي سان سماجي اوڻاين کي ختم ڪري سگهجي ٿو.ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر مھر، خادم خاوند ڏنو لاڙڪ، فقير علي حسن شر، قلندر بخش بوزدار، اسلم گھمرو ۽ ٻين سورھيه بادشاھ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سورھيه بادشاھ تاريخ جو سونھري ستارو ۽ قوم جو محافظ ھو جنھن قوم کي جدوجھد ۽ جستجو جو شعور ڏنو.ان کان اڳ روضي ڌڻي چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر الھوسايو سومرو تقريب ۾ آيل معزز مھمانن کي ڀليڪار پيش ڪندي چيو ته سورھيه بادشاھ ھڪ جدوجھد تحريڪ جو نالو آھي اسان کي سورهيه بادشاھ جي ڏنل حق سچ واري فڪر جي ضرورت آھي ھن اظھار ڪيو ته روضي ڌڻي چيئر پاران ھن قسم جي پروگرامن کي جاري رکيو ويندو.تقريب جي ڪاروائي قلندر بخش بوزدار ھلائي ان کان آڳ تقريب ۾ آيل مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button