بريڪنگ نيوزسنڌ

سجاول پوليس پاران مقابلي بعد ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول (ڊ ر) سجاول پوليس ڏوھارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو، هڪ ئي رات ٻن مختلف هنڌن تي پوليس مقابلي بعد 2 بدنام زمانہ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار، پوليس ٻن ڏوھارين  غلام علي پارهيڙي ۽ عثمان عرف ڪارو لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس ترجمان موجب گرفتار ڪيل ٻئي ڏوھاري ٻہ درجن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ نامزد ٿيل آھن. ان سلسلي ۾ سجاول پوليس جي ترجمان غلام قادر گوپانگ موجب ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزاده سڄي ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪرائم فائٽر ٽيم گذريل رات دير سان معمول جي گشت تي هئي ته پوليس کي اطلاع مليو ته سجاول-بدين روڊ ڀرسان لنڪ روڊ تي ڪجهه ڏوهاري روڊ تي رڪاوٽون وجهي ڏوه جي نيت سان موجود آهن. جڏهن اهي پهتا ته اتي موجود ٽن جوابدارن سڌو سنئون پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، ٻن طرفن فائرنگ جي نتيجي ۾ غلام علي پارهيڙي جيڪو چورين ۽ ڦرن جو عادي ۽ قتل جي ڪيس ۾ روپوش هو، کي گرفتار ڪيو ويو آھي. هڪ زخمي حالت ۾، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا. زخمي جوابدار وٽان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ گوليون ۽ موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪيو ويو آھي. جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال سجاول منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب گرفتار جوابدار سجاول ٿاڻي تي ڪيس 51/2023 قلم 302,311,201,34.PPC ۾ روپوش هو. ٻئي طرف پوليس ترجمان موجب انچارج مريد کوسو چيڪ پوسٽ ٻڌايو ته مريد کوسو پوليس پوسٽ جي حد ۾ ڪجهه ڏوهاري موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جن جو تعاقب ڪري رهيو آهيان، پر پوليس جي وڌيڪ نفری گهربل آهي، جنهن تي پوليس جي مدد لاءِ ڪرائم فائٽر ٽيم فوراً اتي پھتي تہ ڦورن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ ڪافي دير تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ بدنام ڦورو ضلعي سجاول ۾ دهشتگردي جي علامت بڻيل عثمان عرف ڪارو لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ٻيو جوابدار فرار ٿي ويو.  زخمي ٿيل ڦورو وٽان رپيٽر ڪارتوسن سميت ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جوابدار خلاف سجاول ٿاڻي تي درجنين وارداتن جا ڪيس داخل آھن. گرفتار ٿيل ٻنھي ڏوھارين کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ۽  جاچ جاري آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button