بريڪنگ نيوزقومي

سرحد پار کان دهشتگردي هاڻ برداشت نه ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سرحد پار کان دهشتگردي هاڻ برداشت نه ڪنداسين ۽ پاڙيسري ملڪ جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندي ته اهو قبول ناهي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردن جو مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، پاڪ فوج جي جوانن جي وطن سان محبت انمول آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ سان امن ۾ رهڻ چاهيون ٿا، ان سان ڀائراڻا لاڳاپا ۽ واپار چاهيون ٿا، سرحد پار کان هاڻ دهشتگردي برداشت نٿا ڪري سگهون، پاڙيسري ملڪ جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندي ته اهو قبول نه هوندو. سندس چوڻ هو پاڙيسري ملڪ کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيون.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي اميد آهي ته ان حوالي سان پاڙيسري ملڪ  ان  جا ارباب اختيار منهنجي هن تجويز  کي غور سان وٺندا ۽ گڏجي خطي ۾ امن قائم ڪيو ويندو، شهباز شريف آئي ايم ايف سان معاهدي بابت ڳالهائيندي چيو ته  آئي ايم ايف سان جيڪا ڳالهه ٿي آهي، ناڻي وارو وزير ان تي اوهان کي اعمتاد ۾ وٺندو، آئي ايم ايف جي ٽيم آيل آهي، آئنده اسان  کي هڪ نئين پرورگرام جي ضرروت آهي، خوشي سان نه مجبوري ۾ اسان کي پنهنجي معاشي فائونڊيشن کي بحال ڪرڻو آهي ان کي اسان کي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ قرضن مان جند ڇڏائڻي آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيوته  مان يقين ڏياريان ٿو ته اڃان تائين منهنجا برادر ملڪ ۽ دوست ملڪن جي سفارتڪارن سان ملاقات ٿي آهي، مان عاجزي سان پر واضح اندار ۾ انهن کي گذارش ڪئي ته اسان اوهان سان هاڻي سيڙپڪاري، پوءِ اها زراعت، انفارميشن ٽيڪنالوجي صنعتي ادارا آهن، هي اهي شعبه جتي اسان  ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مان ان کي چيو ته قرضن ۾ واڌ ۽ وڌيڪ قرض هي پاڪستان لاءِ نقصان ڏيندڙ آهن ۽ اسان جو اهو فيصلو آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته گهٽ کان گهٽ قرض وٺون، آهستي آهستي قرضن مان جند ڇڏائي وٺنداسين. ان جو واحد طريقو آهي اسان سيڙپڪاري کڻي اچون ۽ ان لاءِ پاڪستان جي ماحول کي سازگار بڻايون، شهباز شريف چيو ته ان حوالي سان اسان جي گذريل پارليمان ۾ ميثاق معيشت جي  خواهش هئي، ان سان گڏوگڏ اسان کي ايڪي اتحاد جو چارٽر به پيش ڪرڻ گهرجي، گڏجي پاڪستان کي چئلينج مان ڪڍڻ لاءِ ايڪي اتحاد ۽ معاشي ترقي هي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم آهن ان لاءِ وڏي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button