بريڪنگ نيوزقومي

عمر ايوب قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر عمر ايوب خان کي اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر اياز صادق عمر ايوب خان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. عمر ايوب نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پوءِ چيمبر ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو. اسپيڪر آفيس ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي لاءِ اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ قيادت جو ٿورائتو آهيان. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گهرايو ۽ اسان جي موجودگي ۾ اسڪروٽني ڪئي وئي. مقرري کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اپوزيشن جي ميمبرن بيرسٽر گوهر علي خان، عمر ايوب ۽ ملڪ محمد عامر ڊوگر  جي ملاقا ت ٿي. جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي نامزدگي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. مخالف ڌر جي لاءِ عمر ايوب جو نالو اپوزيشن طرفان جمع ڪرايو ويو هو. اسپيڪر قومي اسيمبلي جي رولز آف پروسيجر اينڊ ڪنڊڪٽ آف بزنس جي رول 39 جي تحت اسڪروٽني جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عمر ايوب کي مخالف ڌر جو اڳواڻ ڊڪليئر ڪيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button