بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کي باهه، 40 گهر سڙي رک، معصوم نينگر سڙي فوت

اسلام ڪوٽ (رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کي باھ،40 گهر سڙي رک،هڪ معصوم نينگر سڙي فوت،30 جانور ڪوئلو،لکين رپين جو نقصان،متاثري دربدر. اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميهاري بجير ۾ گذريل ڏينهن اوچتو باھ لڳڻ سبب بجير برادري جا 40 گهر سڙي رک ٿي ويا،باھ لڳڻ بعد هر طرف ڪيهاٽ پئجي ويا،گهرن ۾ موجود عورتون،ٻارڙا ۽ مرد رڳو پنهنجيون جانيون بچائي ٻاهر نڪتا،هڪ گهر ۾ ڏيڊ سال جو معصوم نينگر غمشاد پُٽ احمد علي بجير سڙي ڪوئلو ٿي ويو،گهر ڀاتي خوف وچا  نڪري اچڻ ڪري پويان رهجي ويل معصوم ٻالڪ سڙي ڪوئلو ٿي ويو،جنهن بعد گهر ۾ قهرام متل آهي،جڏهن ته گهرن اندر بيٺل ٻڪرين،رڍن ۽ گڏهن سميت 30 جانور به سڙي ڪوئلو ٿي ويا،باھ جو اطلاع ملڻ بعد اسلام ڪوٽ ۽ مٺي مان فائر برگيڊ جون گاڏيون پهتيون،اُن کان اڳ ڳوٺاڻن باھ تي ضابطو آڻي ورتو هو،پهتل فائربرگيڊ عملي هلندڙ باھ کي وسائي،جڏهن ته ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ٿرفائونڊيشن جي ٽيم امام علي ڏيٿو،منظور جنجهي ۽ عبدالحميد مهيري اڳواڻي ۾ پاڻي جا ٽينئڪر کڻي باھ متاثرين وٽ پهتي،هوڏانهن سڙي ويل گهرن جي متاثرين ۾ امام بخش بجير،فاروق بجير،عبدالرزاق بجير،احمد علي بجير،روشن بجير،عاشق علي بجير،ڦوٽو بجير،ولي محمد بجير،سابيق بجير،امام علي ۽ ٻيا شامل آهن،جڏهن ته باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سونا زيورات،کٽون،بسترا،کاڌي پيتي جو سامان،نياڻين جي ڏاج سميت سمورو الھ تلھ سڙي خاڪ ٿي ويو،گهرن ۾ ڪا به شئي ناهي بچي،واقعو ميڊيا تي رپورٽ ٿيڻ بعد مختلف سياسي سماجي ڌُرين پاران پنهنجي ذاتي مدد سان متاثرين جي سهائتا ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا،صحافي رياض بجير طرفان 50 هزار روڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،جڏهن پ پ يوٿ ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر سُشيل ملاڻي متاثر وٽ پهچي مڪمل مدد جي خاطري ڪرائي،ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي،ايس ايس پي ٿرپارڪر علي مردان کوسو،اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم شريف ڳوٺ پهچي متاثر گهرن جو جائزو ورتو ۽ متاثرين کي رليف پهچائڻ جي خاطري ڪرائي،ٻئي پاسي ٿرفائونڊيشن پاران متاثرين لاءِ رات جي ماني جو بندوبست ڪري ڏنو ويو،برياني جون ديڳون تيار ڪرائي ڳوٺ ميهاري پهچايون ويون،ٿرفائونڊيشن ٽيم جي امام علي ڏيٿو ٻُڌايو ته اسان متاثرين لاءِ ماني ۽ پاڻي جو بندوبست ڪيو آهي،باقي مڪمل سروي ڪرڻ بعد سڙي ويل گهرن کي ٻيهر ٺهرائي ڏنو ويندو،اي سي نعيم شريف شريف ٻُڌايو ته اسان ٿرفائونڊيشن سان گڏجي باھ متاثرين لاءِ ماني جو بندوبست ڪري ڏنو آهي،باقي مٺي مان خيما گهرايا آهن اُهو رات تائين تقسم ڪنداسين،جن جا به گهر سڙي ويا آهن اُنهن کي ٻيهر نئين سر آباد ڪري ڏينداسين،ڳوٺاڻن جو وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن تي دلي ڏُک ٿيو آهي،انشاءُ اللّٰه ساڳئي نموني ڳوٺاڻي کي آباد ڪيو ويندو،هوڏانهن ٻي پاسي سياسي سماجي اڳواڻن عرفان راھمون،ياسين راھمون،سشيل سوني،سھراب راھمون،شيرمحمد شاھ،سلطان ڌرماڻي پاران متاثرين جي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،ٻي پاسي متاثر خاندان رات سخت گرمي ۽ باھ جي تپش ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل هئا،جڏهن باھ سبب سڙي ويل نينگر غمشاد جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل هو،ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا،ٻي پاسي ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي پاران متاثرين کي مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائيندي اي سي کي هدايت ڪئي ته ٿر فائونڊيشن وارن سان گڏجي متاثرين جي مڪمل مدد ڪئي وڃي،باھ متاثرين کي هن ڏُکي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو،هرممڪن مدد ڪئي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button