بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد پوليس پاران مختلف ھنڌن تي ڪارروايون، 6 جوابدار گرفتار

حيدرآباد(لالا زاهد) حيدرآباد پوليس پاران مختلف ھنڌن تي ڪاروائين دوران 6 جوابدار گرفتار ڪري تقريبن 2 ڪلو چرس. 20 عدد ڪٽن ۾ 1.000 ڪلو خام مال ۽ وڏي مقدار ۾ تيار شده مينپوري ھٿ ڪرڻ جي دعوي. ترجمان پوليس ڪاروايون ٿاڻي ھٽڙي. سخي پير ۽ ٿاڻي بلديه جي حدن ۾ ڄاڻايون. ھٽڙي پوليس موجب گشت دوران لائن چينل درگاھه حسين شاھه ويجھو 2 منشيات فروشن ک چرس وڪرو ڪندي گرفتار ڪرو ويو. پوليس موجب گرفتار منشيات فروشن جي سڃاڻپ حبيب الله ۽ جاويد کچي جي نالي سان ٿي. جن جي قبضي مان 1 ڪلو 540 گرام چرس ھٿ ڪئي وئي. ٿاڻو سخي پير پوليس موجب گشت دوران حسيني چوڪ ٽنڊو ولي محمد ويجھو ڪاروائي ڪندي منشيات فروش نالي ابو الحسن عرف عبلي مگسي کي چرس وڪرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو. جنھن جي قبضي مان 541 گرام چرس ھٿ ڪئي وئي. بلديه پوليس موجب چيڪنگ دوران ڳجھي اطلاع تي الخير لنڪ روڊ بائي پاس ويجھو ڪاروائي ڪندي ڪچو مال ۽ تيار شده مين پوري جي وڏي کيپ جي سپلائي ناڪام ڪندي 3 سپلائرز کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار سپلائرز جي سڃاڻپ نالي اقبال يوسفزئي. فيض محمد بروھي ۽ محمد زاھد راجپوت جي نالي سان ٿي جن جي قبضي مان 20 عدد ڪٽن مان 1.000 ڪلو ڪچو مال ۽ وڏي مقدار ۾ تيار شده مينپوري ھٿ ڪئي وئي. حيدرآباد پوليس گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ھٿ آيل منشيات پنھنجي تحويل ۾ وٺي جوابدارن خلاف ڄاڻايل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتا آھن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button