بريڪنگ نيوزسنڌ

ڳڙهي ياسين شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

ڳڙھي ياسين (ن م)ڳڙھي ياسين شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ تي شهرين جو احتجاج، ڌرڻو، انڊس هاءِ وي روڊ 4 ڪلاڪ بند، شهر ۾ امن بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڳڙهي ياسين وچ شھر ۾ رات نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ ۽ کيس مزاحمت تي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ خلاف ڳڙھي ياسين جيها برادري طرفان شاھزيب جيھو، مولا بخش جيھو جن جي اڳواڻي ۾ کيرٿر ڪئنال روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن  ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين معشوق علي شر ۽ پوليس خلاف سخت نعاريبازي  ڪندي  چيو ته اسان جو نوجوان آصف علي جيهو کان رات دير سان نور مصطفيٰ چوڪ کان گهر اچي رهيو ھو ته وچ شهر پوسٽ آفيس وٽان ڦورن موٽرسائيڪل ، موبائل فون ۽ 20 هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن مزاحمت تي سندس کي  تشدد ڪيو آهي، جنهن بعد پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آھي سندس مطالبو آهي ته موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ ڦورن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي شڪارپور آفيس ۽ ڊي آءِ جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين، صبح کان ڌرڻي ۾ موجود آهيون ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين کي ڪو فرق نه پيو آهي، هلندڙ ڌرڻي دوران لاڙڪاڻي شڪارپور انڊس روڊ تي ٻنهي پاسن سوين گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافر پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا، بعد ۾ ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين عبد الواحد ٻرڙو احتجاجين سان ڳالهيون ڪرڻ پهتو، هن يقين دهاني ڪرائي ته 5 ڏينهن اندر ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ويندي، ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين جي يقين دهاني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته پنجن ڏينهن اندر موٽرسائيڪل نه موٽي ته ٻيهر احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button