بريڪنگ نيوزسنڌ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون، گورنر سنڌ پاران مزار تي حاضري

مٽياري (رپورٽ: فدا حسين سولنگي)حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 280 هين عرس مبارڪ جي ٽين ۽ آخري ڏينهن جون اختتامي تقريبون گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڀٽ شاھ پهتو، گورنر سنڌ درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ چادر چاڙھي دعا گهري، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي والد شاھ حبيب جي مزار تي به حاضري ڀري ۽ درگاھ جي اڱڻ ۾ شاھ جو راڳ ٻڌو ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا ان وقت گورنر سنڌ سان گڏ ٽقافت کاتي جو نگران صوبائي وزير سيد جنيد علي شاھ، سيڪريٽري اوقاف منور مهيسر، سيڪريٽري ثقافت عبدالعليم لاشاري، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آئي جي حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر، ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button