بريڪنگ نيوزسنڌ

فني تربيت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ھڏي جي حيثيت بڻجي سگھي ٿي: مدد علي سنڌي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ  ) وفاقي وزير تعليم مدد علي سنڌي  گذريل ڏينهن  NAVTTC  پاران  پرائم منسٽر جي يوٿ اسڪلز ڊيوپلپمنميٽ پروگرام پاران پروگرام  (PMYSDP) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پھرين اجلاس جي صدارت ڪئي ، وفاقي وزير تعليم مدد علي سنڌي چيوته فني تربيت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ھڏي جي حيثيت بڻجي سگھي ٿي، ھن چيوته اھا ضرورت آھي تہ اسان پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪريون ،  ھن پرائم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊيوپليپمنٽ پروگرام  (پی ایم وائی ایس ڈی پی) جي وڏي واکاڻ ڪئي ۽ چيوته ھن پروگرام جي موثر ۽ عملي نفاذ سان انتھائي مثبت نتيجا سامهون اچي سگھن ٿا ،
ھن پروگرام ۾ عورتن جي ڪوٽا ۾ واڌارو ڪندي 33  سيڪڙو مان وڌائي 40  سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ، ھن چيوته عورتن کي پاڻ ڀرو با اختيار ڪرڻ ھڪ اھم سنگ ميل جھڙي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آھي ، جيڪڏھن اسان چاھيون ٿا ته پاڪستان موجوده سماجي چيلجن کي منھن ڏي ته ھن پروگرام کي ڪامياب ڪرڻو پوندو ، ھن ھدايت ڪئي تہ معذور شاگردن کي ڪوٽا سسٽم کان مٿان ھون رکي سيٽون ڏنيون وڃن ، ھن اھو به حڪم ڏنو ته سمورن معذور شاگردن کي  ھر وڏي شھر ۾ رھڻ لاءِ ھاسٽل جو بندوبست ڪيو وڃي ،  ان موقعي تي وفاقي وزير تعليم مدد علي سنڌي کي اين اي وائي ٽي ٽي وائي جي پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي کيس ٻڌايو ويو ته ھن پروگرام جي بجيٽ 10  ارب روپيه آھي ۽ ھن وقت تائين 161   ھزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آھي ، جن مان 96 ھزار ھاء ٽيڪ ٽريننگ حاصل ڪئي آھي ۽ 64  ھزار نوجوانن روايتي تربيت حاصل ڪئي آھي ، جڏھن ته تربيت يافتہ نوجوانن ۾ روزگار جي شرح 71 سيڪڙو آھي، مدد علي سنڌي کي ٻڌايو ويو ته سمورن تربيت حاصل ڪندڙن ۾ 42 ھزار عورتون آھن ، جڏھن صوبن جي حوالي سان کيس ٻڌايو ويو ته پنجاب مان 67 ھزار، ڪي پي ڪي مان 20 ھزار ، سنڌ مان 38 ھزار ، بلوچستان مان12 ھزار ۽ وفاقي دارالحڪومت مان 22 ھزار نوجوانن کي ٽرين ڪيو ويوآهي ، جڏھن کيس بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ان کان 25 ھزار کان وڌيڪ نوجوانن کي تربيت ڏني ويندي. ۽ عالمي ھنر ۽ مزيد روايتي ھنربہ سيکاريا ويندا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button