بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپور ماٿيلو ۾ڪورائي برادري جو نوجوان هٿياربندن هٿان گوليون هڻي قتل ، لاش رکي ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو (طفيل رند / وسيم احمد حيدراڻي)ميرپور ماٿيلو قومي شاھراھ تي ايف ايف سي ويجھو  مسو واھ واري پل تي گذريل ڏينهن اڳ ۾ ئي تاڙ ۾ ويٺل ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ھٿياربندن نجي ڪمپني مان نائيٽ ڊيوٽي ڪري گھر ويندڙ ڪورائي برادري جي نوجوان آصف علي ڪورائي مٿان فائرنگ ڪري بي دردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنھن جي لاش کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن جي غير موجودگيءَ سبب مقتول جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رھيو جڏھن ته اھڙي قسم جي واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ئي ڪورائي برادري جا سوين نوجوان پڻ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پھتا جن ۾ شديد قسم جو ڏک ڏسڻ  ۾ آيو جنھن بعد لاش کي کڻي ميرپور ماٿيلو پوليس اسٽيشن آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي ڀاءُ عرفان ڪورائي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻه سال اڳ جلباڻي برادري جو ھڪ نوجوان دل جو اٽيڪ ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو ھيو جنھن جي قتل جو الزام اسان مٿان ھنيو ويو جنھن جو فيصلو جلباڻي برادري جي سردار علي نواز جلباڻي وٽ ٿيو ھيو اسان مٿان ڏوھ ثابت ڪونه ٿيو ھيو پر فيصلو دير سان ٿيڻ جو ڏھ لک روپيا جرمانو اسان مٿان رکيو ويو جيڪي ڏھ لک روپيا اسان پڻ ادا ڪري چڪا آهيون ان باوجود قطب الدين جلباڻي ۽ ٻين بلا وجه اسان جي ڀاءُ مٿان حملو ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آھي جيڪو ظلم آھي جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا احتجاج جو سلسلو جاري رھندو ٻي پاسي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي مقتول جي قتل جو ڪيس جلباڻي برادري جي پنج ماڻھن مٿان داخل ٿيڻ بعد پوليس ھڪ جوابدار محمد ابراهيم جلباڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button