بريڪنگ نيوزسنڌ

باڊهه ڀرسان ناري مبينه ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

باڊھ (ن م) باڊھ ويجھو پورھيت جي مئٽرڪ پاس نوجوان ڌيءَ ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڦاهي کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. گھر ۾ ڪھرام پئجي ويو. باڊھ جي ڳوٺ گابر مسڻ ۾ ڪراچي جي فيڪٽري ۾ پورھيو ڪندڙ پورھيت علي گوھر پليجو جي مئٽرڪ پاس نياڻي 18ورھين جي جنت بي بي عرف سونھن پليجو گھريلو مسئلن تان گھر جي ڪمري اندر ڳچيء ۾ رئو وجھي ڇت ۾ لڳل بجلي جي پکي ۾ پاڻ کي ٽنگي آپگھات ڪري ڇڏيو واقعي سبب گھر ۾ ڪھرام پئجي ويو جڏھن ته واقعي جي اطلاع تي باڊھ پوليس پھچي پورھيت جي نياڻي جو لاش باڊھ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ليڊي ايم ايل او مقرر نه ھجڻ جي ڪري تعلقي اسپتال ڏوڪري آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس امڙ ۽ ڏاڏي حوالي ڪيو ھوڏانھن واقعي متعلق نياڻي جي امڙ مسمات اۡميده ۽ ڏاڏي محمد عمر پليجو صحافين کي ٻڌايو ته سندن نياڻي اڱاري ڏينھن صبح سوير گھر جي ڪمري جي ڇت ۾ لڳل بجلي واري پکي ذريعي رئو ڳچيء ۾ وجھي بنا ڪنھن سبب جي ڦاھو کائي خود ڪشي ڪئي آھي ٻئي طرف باڊھ ٿاڻي تي نوجوان ناري جي امڙ ۽ ڏاڏي پاران سندن نياڻي بنا سبب جي پاڻ ڦاھو کائي آپگھات ڪرڻ جي داخلا رکي وئي آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button