بريڪنگ نيوزسنڌ

نوشهرو فيروز ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊ ر ) آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن رجسٽرڊ سنڌ ضلع نوشھروفيروزجي اڳواڻن ۽ ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالهه ڇھين  ڏينھن به ۔۔ڪشن راجا نويد تڳر مولابخش شيخ منظور ملڪ عمران راڄپر جي اڳواڻي ۾  احتجاج جاري رکيو.  ان موقعي تي  سياسي سماجي سوشل ورڪرز ۽ مختلف کاتن جي يونين اڳواڻن جن ۾ فوڊ ايمپلائيز يونين جي اڳواڻ يونس راڄپر ۔شھري ايڪشن ڪاميٽي نوشھروفيروز جي اڳواڻ ماھنور شيخ ۔رياض مھر ۔اسڪارپ ايريگيشن يونين اڳواڻ امجد جامي تڳر ۔شاھنواز عمراڻي ڪاؤنسلر ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز  سڀني سياسي سماجي اڳواڻن سومر جي ڏينهن ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻبو ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن جون ٽن مھينن کان پگھارون۔پينشن نه ملي سگھيون آھن. ملازم فاقا ڪشي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري راجا ڪشن لعل۔جنرل سيڪريٽري نويد احمد تڳر ۔ ضلعي صدر مولا بخش شيخ ۔ ضلعي اڳواڻ محبوب شيخ۔ غلام نبي شيخ۔ ضلعي اڳواڻ منظور ملڪ ۔عمران راڄپر ۔غلام علي ۔سني لعل۔ احتجاج ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز کان پريس ڪلب تائين رڪاڊ ڪرايو ۽ انتظاميا کان اپيل ڪئي آھي ته ملازمن جون جلد کان جلد پگهارون جاري ڪري ۔ بيچيني ختم ڪئي وڃي.1۔

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button