بريڪنگ نيوزسنڌ

جهنڊو مري ۾ بدامني خلاف رهواسين جو احتجاج

جھنڊومري (ن م) عثمان شاھ ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ عمر ساند جي رھواسين کان گذريل رات ڦر ٿي ھئي جنھن جا جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسل ڊاسوڙي جي ڪائونسلر سرفراز راجپوت جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باھيون ڏئي ٽنڊو آدم ٽنڊوالھيار مين روڊ بند ڪري  عمر ساند ٿاڻي آڏو  ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو  ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي علائقي واسين چيو ته سمورو ضلعو بدامني جي باھ ۾ ٻري پيو عوام غير محفوظ آهي ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، 2 ڪلاڪن کانپوءِ احتجاج ڪندڙن سان يونين ڪائونسل ڊاسوڙي جي چئيرمين غلام محمد بلوچ، ايس ايڇ او ڊاسوڙي اي ڊي ڀنڀور شاھ زمان چانڊيو مظاھرين سان ڳالھيون ڪري مظاھرين کي يقين ڏياريو ته ڦر  ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا جنھن بعد روڊ کوليو ويو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button