بريڪنگ نيوزقومي

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ ٺڪاڻن تي ڳڻتي آهي، حملا برداشت جوڳا ناهن، ڀرپور جواب ڏينداسين: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا گيريزن جو دورو ڪيو، جتي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته دهشتگردن خلاف بنا فرق آپريشن جاري رهندو.آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڪوئيٽا گيريزن جي دوري جي موقعي تي زوب ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف حملي ۾ زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي ۽ شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب هٿياربند فوجن کي افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي محفوظ ٺڪاڻن تي ڳڻتي آهي، ان قسم جا حملا برداشت جوڳا ناهن، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ٿيندي.آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجن افغانستان مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد ڪارروائين ۽ افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي محفوظ پناهه گاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو اميد هئي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيندي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان شهرين جو ملوث هجڻ برداشت جوڳو ناهي، پاڪ فوج دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکندي ۽ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙئون پٽينداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button