بريڪنگ نيوزقومي

اسان جو ويزن آهي اسلام آباد کي ملڪ جي ٻين حصن جي لاءِ هڪ ماڊل بڻايون: مدد علي سنڌي

اسلام آباد (بيورو)  تعليم ۽ پيشوراڻي تربيتي واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي 16 اڪٽوبر 2023 تي اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز شاهه الله دته جو دورو ڪيو. تعليم کاتي جا سينيئر آفسر پڻ نگران تعليم واري وزر سان گڏ هئا. مدد علي سنڌي چيو ته ان جو ويزن آهي ته اسلام آباد کي ملڪ جي ٻين حصن جي لاءِ هڪ ماڊل بڻايو وڃي. ان چيو ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز ان سلسلي  ۾ سندس حوصلا افزائي ڪن ۽ پنهنجين ڪوششن کي يڪجا ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسلام آباد ۾ جلد کان جلد زيرو oosc هجي. وفاقي وزير تعليم چيو ته اسلام آباد کي سڄي ملڪ جي لاءِ مثال بڻايو بڻايو ويندو. وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسڪول جي دوري دروان واش رومز ۽ پاڻي جي سهولتن جو پڻ معائنو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بنيادي سهولتن کان سواءِ  تعليم جو مقصد پورو نه ٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي حڪم ڏنو ته پي ايس ڊي پي جي ترقياتي پراجيڪٽس کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. وڌيڪ شاگردن جي تعداد کي مئنيج ڪرڻ جي لاءِ نوان ڪلاس روم ٺاهيا وڃن. وفاقي وزير مدد علي سنڌي مطالعي پاڪستان جي شاگردن کان سوال ڪيا. شاگردن جي حاضر جوابي تي وفاقي وزير ٽيچرز ۽ اسٽوڊنٽس جي حوصلا افزائي ڪئي. هي تمام بهتري ڳالهه آهي ته شاگردن کي پاڪستان جي معطالي تي عبور حاصل آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button