بريڪنگ نيوزسنڌ

چمبڙ واسي مشهور ٽڪ ٽاڪر علي حيدر عرف شهمير شيدي روڊ حادثي ۾ فوت

چمبڙ (ن م) چمبڙ ويجھو ڳوٺ نصير خان مندواڻي واسي ٽڪ ٽاڪ تي مشھوري ماڻيندڙ علي حيدر عرف شھمير شيدي فوت. ضلعي ٽنڊوالھيار جي تعلقي چمبڙ جي ويجھو ڳوٺ نصير خان مندواڻي ملھ پھلوان عبدالستار شيدي جي ڪجھ عرصو پھرين ڪاري سائي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنھن جي وفات کان پوء ڪوبه گھر جي ڪمائڻ وارو نه ھو ۽ علي حيدر شيدي  پيء جي شفقت کان مرحوم رھيو ۽ اچانڪ ھن معصوم تي الله پاڪ مھربان ٿيو جيڪو تعلقي چمبڙ جي شھر بڪيره شريف جي ميلي تي گھمڻ ويو جتي مامن دڙڪا ڏنا ان دڙڪن جي دانھن جڏھن ھن عوام آڏو ظاھر ڪيا ته ان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي تمام گھڻو مشھور ٿيو  غريب توڙي امير علي حيدر شيدي کي ويجھو ويھاري تصويرون ڪڍرائيندا ھئا ۽ علي حيدر شيدي جا ڪيترائي ڊائلاگ مشھور ٿيا اڄ ھوسڙي ٿاڻي جي حد ۾  رڪشه سان ايڪسيڊنٽ ۾ زخمي ٿي پيو جنھن کي زخمي حالت ۾ زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري پوري سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button