بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، انتهائي گهربل آئيس ڊيلر کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد پوليس پاران ڪاروائي دوران انتھائي گھربل آئيس ڊيلر کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا. پوليس پاران ڳجھي اطلاع تي انتھائي گھربل ۽ بدنام زمانه منشيات ڊيلر جي موجودگي تي ڇاپا مار ڪاروائي جي دعوا ڪندي چيو ته پوليس جو ٽنڊو يوسف جي حد بدين چارلي ويجھو مقابلو ٿي پيو جنھن ۾ انتھائي گھربل ۽ بدنام زمانه ڪرسٽل آئيس ڊيلر  سجاد پٽ شيرين زاده سواتي پٺاڻ مارجي ويو ۽ جوابدار جا ٽي ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب ڇاپا مار ڪاروائي ۽ پوليس مقابلي جي نتيجي ۾ ڪرسٽل آئيس ۽ ٻه عدد ڪلاشنڪوف ھٿ ٿيون. پوليس موجب شروعاتي جاچ جي مطابق مارجي ويل سجاد سواتي پٺاڻ 15 پوليس مقابلن ۽ 2 غيرقانوني ھٿيار جي ڪيسن ۾ گھربل ھو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ڪرسٽل آئيس جي سپلائي ۽ فروخت ۾ حيدرآباد پوليس کي انتھائي گھربل ھو. پوليس جو چوڻ ھو ته اڄ جي ھن ڪامياب ڪاروائي کان پوء حيدرآباد ۾ ڪرسٽل جھڙي ناسور نشي جي فروخت ۽ سپلائي ۾ غير معمول اثرات جي اميد آھي. پوليس فرار ٿيلن جوابدارن جي گرفتاري لاء شھر ۾ ناڪا بندي جاري ڪري ڇڏي آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button