بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو ڄام سنڌ زرعي يونيورسٽي جي 177 شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا

ٽنڊوڄام (ن م) بينظير انڊرگريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين جي مستحق ۽/ قابل 177 شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس پاران هڪ اهم تقريب ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري ڪئي، جڏھن ته ممتاز سماجي اڳواڻ ۽ چيئرمين يونين ڪائونسل ٽنڊوڄام نعيم الرحمان ميمڻ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وائيس چانسلر ۽ خاص مهمان مڙني فيڪلٽين جي تدريسي سال ٽوڪي 18، ٽوڪي 19 ۽ ٽوڪي 20 بيچ جي مستحق شاگردن ۾ چيڪ ورهايا، تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته چٽاڀيٽي جي هن دور ۾ شاگردن کي پنهنجي قابليت کي ثابت ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي شخصيت، قابليت ۽ معيار کي ملڪي ۽ عالمي ادارن جي معيار جي گھرجن موجب اڀارڻو پوندو، هن چيو ته ھر مادرعلمي، اعليٰ تعليم جي حوالي سان پنھنجن شاگردن جي سڃاڻپ ھوندي آھي، جنھن جي خلاف جيڪڏهن ڪو ناڪاري مھم ھلائي ويندي آهي ته ان جا ناڪاري اثر نه رڳو اداري تي، پر شاگردن تي به پوندا آهن، وائيس چانسلر پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجي اداري ۽ غريب شاگردن سان سھڪار لاءِ اسڪالرشپ، انٽرن شپ ۽ روزگار جي حوالي سان مدد ڪن، مهمان خاص نعيم الرحمان ميمڻ چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي غريب پرور مادرعلمي آهي، جنهن زراعت، سائنس جي ترقي ۽ غريب شاگردن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان موقعي تي مهمان خاص نعيم الرحمان ميمڻ پاران غريب ۽ مستحق شاگردن لاءِ پنهنجي کيسي مان ٻه اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا ويا آهن، بئنڪن سميت ٻين ادارن ۾ انٽرن شپ جي موقعن ۾ به زبردست اضافو ٿيو آهي، ان موقعي تي فوڪل پرسن سيد نعمان شاهه پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن جي وڏو انگ موجود ھو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button