بريڪنگ نيوزقومي

آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو جاري، سياستدانن تان تاحيات نااهلي ختم، نواز شريف ۽ جهانگير ترين اهل ٿي ويا

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، تاحيات نااهلي ڪيس جو فيصلو 5 جنوري تي محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو ٻڌايو ويو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو ٻڌايو، فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ 6 هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه هوندي، سپريم ڪورٽ مختصر فيصلو سڌي ريت ٻڌايو آهي. هن خبر جا وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي به ختم ٿي وئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي قائد نواز شريف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي ختم ٿي وئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ آرٽيڪ 62 ون ايف جي تشريح جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو آهي. فيصلي موجب سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه هوندي، 62 ون ايف جي تشريح عدالتي ڊڪلريشن ذريعي آئين کي ريڊ ان ڪرڻ آهي، ڊڪلريشن ڏيڻ حوالي سان قانون جو ڪوبه پراسس موجود ناهي چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ضروري ٿي ويو ته هيءَ فيصلو جلد ٻڌائجي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ داغ صاف ٿي ويو آهي: اعظم نذير تارڙ. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته آئين جي ڪنهن به شق ۾ تاحيات نااهلي جو ذڪر ناهي، سپريم ڪورٽ بروقت فيصلو ڪيو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته نااهلي غير منصفانه فيصلو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ داغ صاف ٿي ويو آهي چونڊ ايڪٽ تحت نااهلي جو مدو 5 سالن تائين آهي. نااهلي جي مدي واري قانون جي جانچ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ، چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ضروري ٿي ويو ته هيءَ فيصلو جلد ٻڌائجي: سپريم ڪورٽ. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي به ختم ٿي وئي، 2017 ۾ نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي عوامي عهدو رکڻ لاءِ نا اهل قرار ڏنو ويو هو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button