بريڪنگ نيوزسنڌ

عوامي سهولتن لاءِ جاري ترقياتي اسڪيمن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي:ايشور لال

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)آبپاشي کاتي بابت نگران صوبائي وزير  ايشور لعل کاتي جي سڀني چيف انجنيئرن ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي عوام جي سهولت لاءِ تمام جاري ترقياتي اسڪيمن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائينم،اها ڳالهه هن چيف انجنئير ايريگيشن ڪوٽڙي بيراج ريجن حيدرآباد جي آفيس ۾ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي،گڏجاڻي ۾سيڪريٽري آبپاشي سنڌ ظريف احمد کيڙو۽ تمام چيف انجنيئرز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کان علاوه ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا،هن، لاڳاپيل عملدارن کي هنگامي اسڪيمون موڪلڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن کان  پيدا ٿيندڙ هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي،نگران صوبائي وزير آبپاشي ايشور لعل  عملدارن کي يقيني ڏياريو ته ڪا بدلي يا پوسٽنگ نه ڪئي ويندي ،نگران صوبائي وزير عملدارن کي سنڌ جي آبپاشي کاتي جو اميج بهتر ڪرڻ ۽ کاتي جو نالو روشن ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي _ ان موقعي تي  هن، عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي بدعنواني کي هرگز برداشت نه ڪندو ۽ فقط اهي عملدار ئي کاتي ۾ رهندا جيڪا سچائي سان پنهنجا فرض ادا ڪندا،نگران صوبائي وزيرايشور لعل چيو ته هو عملدارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ هر مهيني  گڏجاڻي طلب ڪندو _

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button