بريڪنگ نيوزسنڌ

شاهپورچاڪر جي سينيئر صحافي حاجي اڪبر شر جو وڏو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو

شاھپورچاڪر (ن م) شاھپورچاڪر پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ پي ايف يو سانگھڙ جي اڳواڻ سينيئر صحافي حاجي اڪبر شر جو وڏو ڀاءُ مصري خان شر جو اچانڪ بلڊ پريشر وڌي وڃڻ ڪري دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ 65 ورھين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وفات جو ٻڌي شر مارڪيٽ بند ٿي وئي، ڳوٺ ۾ سوڳ سمائجي ويو، مرحوم ڏاڍو کل مک هوندو هو، سندس جنازي نماز  الحسيني پيٽرول پمپ تي پڙھائي وئي جنھن ۾ علائقي جي مختلف سياسي، سماجي، مذھبي، ادبي، صحافتي شخصيتن کانسواءِ مختلف برادرين جي نيڪ مردن وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي مرحوم مصري شر کي درگاهه سيد ڪامل شاھ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڏکويل خاندان جي حاجي اڪبر شر ڀاءُ، موج الدين شر پٽ، بينڪ مئنيجر علي رضا شر نياڻو سان ڳوٺ حاجي گل بيگ خان شر ۾ روبرو تعزيت جو سلسلو جاري آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button