بريڪنگ نيوزسنڌ

خيرپور ۾ هٿياربندن پاران ٻئي ڪلاس جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش،رڙين تي جوابدار فرار

خيرپور (رپورٽ: ارشد راجپوت)خيرپور جي الھه آباد ڪالوني جي رهواسين ٻئي ڪلاس جي شاگردياڻي بسما خاصخيلي اغوا ٿيڻ کان بجي وئي، شاگردياڻي بسماءَ سندس ماءُ بشيران، مڙس نظير احمد خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ اسان جي معصوم نياڻي ٻئي ڪلاس ۾ پڙھندي آھي جنھن جو سنڱ منھنجي ڀيڻ ۽ سندس ان جو مڙس اڪبر مھر گھريو ھو مان انھن کي چيو منھنجي معصوم نياڻي ڪلاس ٻئي  ۾ پڙھي ٿي ان جو سنڱ ڪيئن ڏيان وڏي ٿي پوءِ اوھان کي بسما جو سنڱ،ڏيندس فلھال اھا بالغ ناھي ۽ معصوم ٻئي ڪلاس ۾ پڙھي ٿي انڪار ڪرڻ تي منھن کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا ته اسان اسان بسما کي اغوا ڪنداسين ڪجهھ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ھٿياربندن منهنجي معصوم نياڻي بسما کي اڇي ڪار ۾ ھٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڊي آءِ  جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، مير روحل خان کوسو کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button