بريڪنگ نيوزسنڌ

ملير جي ٻه سئو ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ،انتظاميا غائب،رهواسين جو احتجاج

ملير (شهزادو  مستوئي ) گڏاپ ٽائون ۾ انتظامي بي ڌياني سبب 200 سئو ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ هجڻ ڪري جديد دور ۾ رهواسي ندين جي دٻن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ، ڊسٽرڪٽ انتظاميا غائب ، ڳوٺاڻن جو احتجاج مظاهرو ، جديد دور ۾ به گڏاپ ٽائون جا کار،ڪنڊ جهنگ، واڻ ڪنڊ موئيدان ، شم ،شور ڪندي ۾ صدين کان ويٺل ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه مليو اسڪولن اسپتالن کي کي تالا لڳل ماڻهو پاڻيءَ لاءِ مجبور ٿي ويا آھن ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صدين کان ويٺل آهيون گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ڊپٽي ڪمشنر ملير صحت تعليم کاتي سميت ڪو به ادارو چونڊيل نمائندو اسان علائقن ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي ڪراچي 1 سئو ڪلوميٽر پري آهي زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي وئي آهي سوين ڳوٺن ۾ قائم سرڪاري اسپتالن کي تالا لڳل آهن اسڪول بند آهن جيئن جي لاءِ بنيادي ضرورت پاڻي آهي پاڻي جي ڪا به سهولت ناهي ٽائون جا ٽينڪر خراب آهن حب ڊيم ۽ ندين جي ڍورن ۾ بيٺل پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪيترائي ڪلو ميٽر پري وڃڻو پوي ٿو سنڌ حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته سڀ کان اول پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪيووڃي ،صحت جي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي ماڻهو بيمار ٿين ٿا ته ڪراچي پهچڻ تائين ايمرجنسي ۾ ماڻهو مري وڃن ٿا اپيل ڪريون ٿا ته جيئن جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين هنن وڌيڪ چيو ته  حاجي امام بخش برفت خانو خاصخيلي ڳوٺ ربو ڳوٺ صفر ڳوٺ ٽڪري ڳوٺ جان محمد احمداڻي پير بخش نوتاڻي علي منشي نوتاڻي حاجي ڪارو نوتاڻي محمد گنجا ڳوٺ ميهن نوتاڻي بچو بڪڪ عبدالله ڪانڻو ڳوٺ محمد نوتاڻي امام بخش بنيادي سهولتن کان محروم آھن ضلعي انتظاميا ترت اک پٽي سهولتون فراهم ڪري.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button