بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور ۾ رهواسين پاران بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

شهدادپور(غلام حسين ڀنڀرو)شهدادپور جي درگاهه جوت علي شاهه کان پريس ڪلب تائين حيسڪو شهدادپور جي ظالماڻي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاران محرم جي مهيني ۾ جاري غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سخت نعريبازي ڪندي حيسڪو جي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري فوري طور شهدادپور جي اسپيشل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. چيئرمين فروغ عزاداري فهد وساڻ چيو ته هاڻي حيسڪو شهدادپور ۾ جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات جي وقت غير اعلانيه بجلي بند ڪئي وئي ته ماتمي جلوس احتجاجي مظاهرو ڪندا ۽ حيسڪو جا نااهل آفيسر اهو ڌرڻو برداشت نه ڪري سگهندا، تنهن ڪري هو غير اعلانيه ۽ غيرقانوني لوڊشيڊنگ بند ڪن ڇو ته شهدادپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور جي ميٽنگ دوران حيسڪو عملدارن اھيو يقين ڏياريو ھو ته غير اعلانيل  لوڊشيڊنگ ڪون ڪئي ويندي ۽ رات 7بجي کان صبح 4بجي تائين بجلي بند نه ٿيندي پر حيسڪو شهدادپور ڪپهه جي فيڪٽري مالڪن کي مبينا رشوت جي بدلي ۾ بنا دير بجلي فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته عوام لوڊشيڊنگ سبب واپڊا جي عذاب جو  شڪار ٿي رهيا آهن ھنن حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته فوري طور شھدادپور ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري بجلي فراھم  ڪئي وڃي۔

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button