بريڪنگ نيوزسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان قائم اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار، احتجاج

گھوٽڪي (ڊ ر) پڙھندي سنڌ، وڌندي سنڌ  جو ھي حڪومتي نعرو صرف نعرو ئي رھجي ويو  گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڄامپور ھيڊ ماستر ۾ شاگردن ، شاگردياڻين توڙي ڳوٺاڻن پاران  استاد، فرنيچر ۽ بلڊنگ جي مرمت توڙي نئي بلڊنگ نه ملن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ھيڊ ماستر مشتاق احمد سومرو ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسڪول ۾ تقريبن 180 ٻار داخل آھن، بلڊنگ جي زبون حالي سبب ٻارڙا کليل آسمان ھيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن، فرنيچر جي کوٽ سان گڏوگڏ استادن جي به ڪمي آھي. مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سيڪريٽري تعليم سنڌ پاڻمرادو نوٽيس وٺي في الفور فرنيچر، بلڊنگ ۽ استاد ڏنا وڃن ته جيئن ٻار سٺي نموني تعليم حاصل ڪري سگھن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button