بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو واسين جو نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

دادو(ڊ ر  )دادو جي ڳوٺ حاجي اسماعيل کوسو جي رهواسين عباس کوسو، ليلان کوسو ۽ ٻين دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس جي نوجوان پٽ نادر کوسو کي بي سيڪشن پوليس بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، پيرسن عورت ليلان کوسو دانهيو ته بي سيڪشن پوليس سندس پٽ نادر کوسو کي 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو 20 هزار رشوت وٺڻ بعد کيس آزاد ڪيو ھو، ٻيهر پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس پٽ کي 4 ٻارن جو اولاد آهي هو مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندو آهي، هن شڪ ظاهر ڪندي دانهيو ته پوليس سندس پٽ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري هاف فرائي ڪري ڇڏيندي، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي کنڀي گم ڪندڙ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button