بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ،4203 اميدوارن جي شرڪت

ٽنڊوڄام(ن م)سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سمورين فيڪلٽيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر، انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز، سلھاڙيل ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ سب ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ تدريسي سال 24-2023 جي انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي، جنھن لاءِ پهريون ڀيرو بلوچستان جي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز سميت، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، سکر پبلڪ اسڪول، ۽ عمرڪوٽ ۾ سب ڪيمپس ۾ انٽري ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيا ويا ھئا، جنھن ۾ سڄي ملڪ مان 550 فيميل اميدوارن سميت 4203 اميدوارن محفوظ ماحول ۾ ٽيسٽ ڏني، اھڙن اميداورن ۾ 3146 پري ميڊيڪل، 988 پري انجنيئرنگ، 52 پري ڪمپيوٽر ۽ 17 ٻين شعبن جي اميدوارن حصو ورتو، حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ 56 بلاڪ ٺاهيا ويا هئا، جن ۾ فيميل اميدوارن لاءِ 9 الڳ بلاڪ شامل هئا، سکر ۾ 18، ڪوئيٽا ۾ 4 ۽ عمرڪوٽ ۾ 15 بلاڪ قائم ڪيا ويا، هن ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن مان ڪل 2821 شاگردن کي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجن ۽ سب ڪيمپس ۾ داخلا ڏني ويندي، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري حيدرآباد سينٽر جو دورو ڪيو ۽ انٽري ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر فتح مري چيو ته شاگرد يونيورسٽي جي ڊگري پروگرامن ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيا آهن، ايگريڪلچر، ويٽرنري، ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کان علاوه شاگردن لاءِ مختلف ڊگري نوان پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته گذريل سال کان يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۽ سب ڪيمپس ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ شاگردياڻين جي داخلا فيس معاف ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا به ڪيترائي موقعا آهن. ٻئي طرف سکر سينٽر ۾ ڊين ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڪوئيٽا ۾ ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي ۽ پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري سب ڪيمپس عمرڪوٽ جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button