بريڪنگ نيوزسنڌ

نوشهروفيروز ۾ سنڌ يونيفائيڊ گزيٽيڊ سروس جي ملازمن جو احتجاج

نوشهروفيروز  (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ضلعي سکر ۽ خيرپور مان رٽائرڊ ٿيل سنڌ يونيفائيڊ گزيٽيڊ سروس جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي محمد ايوب سومرو، غلام قادر سولنگي، محمد صادق راڄپر، اياز حسين پٺاڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن حقن جي حاصلات لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ظلم جي انتها آهي ته اسان رٽائرڊ ملازمن کي پنهنجا جائز حق به نه پيا ملن جيڪا اسان سان وڏي زيادتي آهي ڇو ته سال 2021 .22 سميت جيڪي به حڪومتي اعلان ڪيا ويا ته پينشن ۾ اضافو ڪيو ويندو انهن تي اڄ تائين عمل ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته گريجيوٽي، فيملي پينشن، ڊفرنس جيڪي اسان جي حقن ۾ شمار آهن اهي به نه پيا ملن، هنن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته سندن جيڪي به حق آهن ۽ جيڪي به مراعتون رهيل آهن ته اهي جلد کان جلد ڏئي اسان کي فاقاڪشي واري صورتحال کان بچايو وڃي ڇو ته اسان جي عمر 75 سال کان مٿي آھي ۽ اها سهپ نه رهي آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button