بريڪنگ نيوزسنڌ

هڪ سنڌ،هڪ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان ساس جي ساٿين جي گڏجاڻي

حيدرآباد(پ ر)”ھڪ سنڌ ۔ ھڪ سنڌي ادبي سنگت” جي حوالي سان،حيدرآباد جي روپا ماڙي ريسٽورنٽ  تي 30 آگسٽ 2023ع تي سنڌي ادبي سنگت  جي ساٿين جي گڏجاڻي ٿي گذري.گڏجاڻي جي صدارت سنڌي ادبي سنگت  سنڌ جي  سيڪريٽري جنرل تاج جويي ڪئي، جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي خصوصي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾  سنڌي ادبي سنگت شاخ قاسم آباد کي سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد ۾ ضم ڪيو ويو.سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد ۾ ضم ڪيل قاسم آباد شاخ جي سمورن دوستن کي ميمبر شپ ڏني وئي،  جڏھن ته  سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي ڪاروباري ڪميٽيء جي ٻن ميمبرن جي خالي جاين تي ضم ڪيل قاسم آباد جي دوستن کي ڪاروباري ڪميٽيء جو ميمبر نامزد ڪيو ويندو. گڏجاڻيء ۾  سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي، سنگت  ضلعي حيدرآباد رابطا سيڪريٽري مولا بخش محبتي،سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري سيد زوار نقوي، ڪائونسلر سليم چنا,خزانچي  نظير ملڪاڻي،انو سولنگي، واحد ڪانڌڙي، پروفيسر ڪي ڊي پرھياڙ، گلشير ڪوريجي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button