بريڪنگ نيوزسنڌ

چونڊڪو ڀرسان زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،20 ڄڻا زخمي

نارو(ن م)چونڊڪو ڀرسان کينھواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ طيب ڪلھوڙو ۾ سورھن ايڪڙ ذريعي زمين جي مالڪي تان ڪلھوڙا ۽ چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو حسين بخش چانگ جي ڌرجا ڏهھ ماڻھو ساجن سومر خادم رحيم ۽ ٻيا زخمي ۽ ڪلھوڙا برادري جا ڏھه ماڻھون رسول بخش ڪلھوڙو حاجي خان لائق نبي بخش چٽل خدا بخش ۽ راڻو ڪلھوڙو۽ٻيا سخت زخمي چونڊڪو اسپتال داخل کنھواري ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي خلاف اين سي داخل کنھواري پوليس اطلاع تي جھيڙي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ٿيل جھيڙي جو ٻنھي ڌرين کي فيصلو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري فيصلو رکائي ڇڏيو ڪلھوڙا برادري جي زخمين جو چانگ برادري جي ناجائزن خلاف احتجاجي مظاھرو انصاف جي گھر ڪندي زخمين چيو ته چانگ برادري جي بااثر حسين بخش چانگ خادم چانگ دودو چانگ سومر مدد علي نبي بخش چانگ ۽ ٻيا نامعلوم ماڻھو ساڻ ڪري اسانجي زمين ۽ گھرن تي ناجائز حملو ڪيو آھي جڏھن ته اسان قديمي ويٺل آھيون ۽ زمين جا کاتا به اسان جا آھن اسين آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته  اسانجي ھن مسئلي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button