بريڪنگ نيوزسنڌ

ضلعي سانگهڙ ۾ ڦٽي جي اگهه بابت سنڌ حڪومت جي حڪمن تي مڪمل عمل درآمد ڪرايو ويندو : ڊي سي

سانگهڙ ( ت ر ) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد چيو آهي ته ضلعي سانگهڙ ۾  ڦٽي جي اگهه بابت سنڌ حڪومت جي حڪمن تي مڪمل عمل درآمد ڪرايو ويندو .  اهڙن خيالن جو اظهار هنن پنهنجي آفيس ۾ ڦٽي جي اگهن بابت چيمبر آف ڪامرس، ڪارخانن جي مالڪن ۽ آبادگارن سان منعقد گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.  ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ ڦٽي جي سرڪاري اگهه تي خريداري ۽ وڪري کي يقيني بڻائين ۽ جيڪڏهن ڪو مسئلو پيش اچي ته ان جو فوري طور تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ رپورٽ ڪيو وڃي.  ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ مراد علي نظاماڻي، چيمبر آف ڪامرس جو حاجي يامين قريشي، فيڪٽري مالڪ آسن داس ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. انهي موقعي تي آبادگار اڳواڻ مراد علي نظاماڻي ڪارخاني مالڪن ۽ پيڊي مالڪن پاران غير قانوني ڪٽوتي جي نشاندهي ڪئي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد هدايت ڪئي ته  فيڪٽري مالڪن کي ڪنهن به قسم جي غير قانوني ڪٽوتي نه ڪرڻ گهرجي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زراعت کاتي ۽ بيورو سپلاءِ اينڊ ميئرمنٽ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي  ته هو سمورن فيڪٽرين ۽ پيڊين تي لڳل ڪانٽن کي چيڪ ڪن  ۽ گهٽ وزن بابت آبادگارن جون شڪايتون دور ڪن ۽ تور ماپ  گهٽ ڪندڙن خلاف ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪن.ٻئي پاسي فيڪٽري مالڪن سرڪاري اگهه کي رد ڪري ڇڏيو فيڪٽري مالڪن چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪپھه جي ريٽ گهٽ آهي اسان سرڪاري اگهه تي ڦٽي خريد نٿا ڪري سگهون.1

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button